Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 10:14 - Sindhi Bible

14 ڏاها ماڻهو علم گڏ ڪن ٿا: پر بي عقل جو وات هڪڙو ترت موت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪندو ٿو رهي، مگر بڪواسي بي‌عقل ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي تباهہ ڪريو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 10:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ ڏاهو ماڻهو ٻڌي ۽ علم ۾ وڌي؛ ۽ سمجهہ وارو ماڻهو فائدي جهڙيون نصيحتون حاصل ڪري:


جيڪو اک ڇنڀي ٿو سو ڏک پيدا ڪري ٿو؛ پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو.


ڏاهي دل وارو حڪم قبول ڪندو: پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو.


سياڻو ماڻهو علم لڪائي ٿو: پر بي عقلن جي دل بي عقليءَ جو ڍنڍورو ڏئي ٿي.


جيڪو پنهنجو وات سنڀالي ٿو سو پنهنجي حياتي سنڀالي ٿو: پر جيڪو پنهنجا چپ وڏا ٿو پٽي سو ناس ٿي ويندو.


جنهن جي دل بيهودي آهي تنهن کي ڪابہ چڱائي حاصل نہ ٿي ٿئي: ۽ جنهن جي زبان ڏنگي آهي سو نقصان ۾ ٿو پوي.


جيڪو پاڻ کي سڀني کان ڌار ٿو ڪري سو پنهنجي مراد ڳولي ٿو، ۽ سالم ڏاهپ سان بگڙيل رهي ٿو.


سياڻي جي دل علم حاصل ڪري ٿي، ۽ ڏاهي جو ڪن علم ڳولي ٿو.


بي عقل جو وات سندس موت آهي، ۽ سندس چپ سندس روح جو ڦانڌو آهن.


جنهن کي ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي سو پنهنجي روح کي پيار ڪري ٿو: جيڪو سمجهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو چڱائي لهندو.


جيڪو پنهنجي وات ۽ پنهنجي زبان جي سنڀال ڪري ٿو، سو پنهنجي جان تڪليفن کان بچائي ٿو.


ڏاهي ماڻهوءَ کي تعليم ڏي تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو: سچي ماڻهوءَ کي سيکار تہ هن جو علم زيادہ ٿيندو.


ڏاهي ماڻهوءَ جي وات جون ڳالهيون وڻڻ جهڙيون آهن؛ پر بي عقل جا چپ خود کيس بہ ڳهي ويندا.


چڱو ماڻهو پنهنجي چڱي خزاني مان چڱيون شيون ٿو ڪڍي، ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون شيون ٿو ڪڍي.


آسمان جي بادشاهت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ لڌو، ۽ لڪائي رکيائين؛ ۽ خوشيءَ وچان وڃي جيڪي وٽس هو، سو وڪڻي اُها ٻني خريد ڪيائين.


هن چين تہ تنهنڪري هرڪو فقيهہ جو آسمان جي بادشاهت جو شاگرد ٿيو آهي، سو انهي گهر جي مالڪ وانگر آهي، جو پنهنجي خزاني مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ