9 ڇالاءِ جو اهي تنهنجي مٿي جي لاءِ زينت جو ڇٽ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جا طوق ٿيندا.
9 سندن نصيحت اوهان جي عظمت ۽ شان لاءِ اوهان جي مٿي جي تاج ۽ گلي جي سهڻي هار مثل هوندي.
۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛
تنهن ڪري هٺ سندن گلي جو هار ٿي پيو آهي؛ ۽ ظلم کي پنهنجي پوشاڪ ڪري پاتو اٿن.
جو اُهي تنهنجي روح جي حياتي ٿيندا، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جو سينگار ٿيندا.
ائين نہ ڪر تہ رحم ۽ سچ توکي ڇڏي وڃن: انهن کي پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏ: انهن کي پنهنجي دل جي تختي تي لکي ڇڏ:
هوءَ تنهنجي مٿي کي زينت جو زيور بخشيندي: هوءَ توکي سونهن جو ڇٽ ڏيندي.
تنهنجا ڳل وارن جي زلفن سان سهڻا ٿا لڳن، ۽ تنهنجي ڳچي جواهرن جي سرن سان.
اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تو منهنجي دل کيس ورتي آهي؛ تو پنهنجي هڪڙيءَ اک سان، پنهنجي ڳچيءَ جي هڪڙي زنجيريءَ سان، منهنجي دل کسي ورتي آهي.
يعني پنڙا ۽ ڪنگڻ ۽ روبند،
۽ اسان پنهنجي پيءُ يوناداب بن ريڪاب جو حڪم مڃيو، ۽ جن ڳالهين جي اسان کي تاڪيد ڪئي هئائين سي مڃيونسين، يعني تہ اسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون سڄي عمر شراب نہ پيئون؛
۽ مون توکي زيورن سان بہ سينگاريو، ۽ تنهنجي هٿن ۾ ڪنگڻ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ ۾ زنجير وڌم.
پر مون تنهنجي بابت ٻڌو آهي تہ تون مطلب سمجهائي ۽ شڪ لاهي ٿو سگهين. هاڻي جيڪڏهن تون هي لکيو پڙهي سگهندين ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندين، تہ پوءِ توکي واڱڻائي خلعت ڍڪائبي ۽ سون جو هار توکي پارائبو، ۽ تون بادشاهت ۾ ٽيون حاڪم ٿيندين.
تڏهن بيلشضر حڪم ڏنو ۽ داني ايل کي واڱڻائي خلعت ڍڪيائون، ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌائون، ۽ سندس بابت اشتهار ڪيائون تہ هو بادشاهت جو ٽيون حاڪم شمار ڪيو وڃي.
بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو.