Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:8 - Sindhi Bible

8 اي منهنجا پٽ، پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌ، ۽ پنهنجي ماءُ جو قاعدو ڇڏي نہ ڏي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي والدين جي هدايت ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن گنهگار توکي ڌتارين، تہ تون هنن جي ڳالهہ متان مڃين.


اي منهنجا پٽ، تون انهن سان گڏ رستي تي نہ هل؛ هنن جي واٽ کان پنهنجو پير پري ڪر؛


اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تون منهنجون ڳالهيون قبول ڪندين، ۽ منهنجا حڪم پاڻ وٽ سانڍي رکندين؛


جنهن پيءُ مان تون ڄائو آهين تنهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌ، ۽ جڏهن تنهنجي ماءُ ڪراڙي ٿئي تڏهن انهيءَ کي ڌڪار نہ.


اي منهنجا پٽ، منهنجي تعليم متان وسارين؛ پر تنهنجي دل ڀلي تہ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري:


جا اک پنهنجي پيءُ تي ٺٺولي ڪري ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ کي پسند نٿي ڪري، تنهن کي واديءَ جا ڪانگ ٺونگا هڻي پٽي ويندا، ۽ ڳجهہ جا ٻچا کائي ويندا.


بادشاهہ لموايل جو ڪلام، جو ان جي ماءُ کيس سيکاريو:


نڪي مون پنهنجن استادن جو چيو مڃيو آهي، ۽ نہ پنهنجي تعليم ڏيندڙن ڏانهن مون پنهنجو ڪن ڏنو!


اي منهنجا پٽ، پنهنجي پيءُ جي حڪمن جي سنڀال رک، ۽ پنهنجي ماءُ جو قاعدو ڇڏي نہ ڏي.


اي منهنجا پٽ، منهنجين ڳالهين جي سنڀال ڪج، ۽ منهنجا حڪم پاڻ وٽ سانڍي رکج.


۽ اسان پنهنجي پيءُ يوناداب بن ريڪاب جو حڪم مڃيو، ۽ جن ڳالهين جي اسان کي تاڪيد ڪئي هئائين سي مڃيونسين، يعني تہ اسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون سڄي عمر شراب نہ پيئون؛


اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ کان ڊڄندو رهي، ۽ اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ياد رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.


پر يسوع پٺتي ڦري هن کي ڏسي چوڻ لڳو، تہ ڌيءَ دلجاءِ ڪر؛ تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي. ۽ اُها زال اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱي ڀلي ٿي پيئي.


جيڪو بي ريا ايمان تو ۾ آهي، سو مون کي ياد آهي، ۽ اُهو پهريائين تنهنجي ناني لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ ۾ هو؛ ۽ مون کي يقين آهي تہ تو ۾ بہ آهي.


۽ هوءَ ڳاهڻ واري پڙ ڏانهن ويئي، ۽ سڀ جيڪي سسڻس چيو هوس تيئن ڪيائين.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي جو ڏوهہ ڪندو، تہ خدا انهي جو انصاف ڪندو: پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جو گناهہ ڪندو، تہ ڪير اُنهي جي لاءِ شفاعت ڪندو؟ تنهن هوندي بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي مارڻ ٿي گهريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ