Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:5 - Sindhi Bible

5 انهيءَ لاءِ تہ ڏاهو ماڻهو ٻڌي ۽ علم ۾ وڌي؛ ۽ سمجهہ وارو ماڻهو فائدي جهڙيون نصيحتون حاصل ڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هنن نصيحتن مان ڏاها ماڻهو وڌيڪ ڏاهپ ۽ سمجھدار ماڻهو وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ هن سان ڳالهين ڪندي بادشاهہ هن کي چيو تہ اسان ڪو توکي بادشاهہ جو صلاحڪار مقرر ڪيو آهي ڇا؟ بس ڪر. ڇو ٿو مارجين؟ تڏهن انهيءَ نبيءَ بس ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ مون کي خبر آهي تہ خدا توکي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، جو تو هي ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح نہ ورتي اٿيئي.


تنهنڪري اي سمجهہ وارو، اوهين منهنجي ٻڌو: خدا کان هرگز ائين نہ ٿيندو تہ هو شرارت جهڙو ڪم ڪري؛ قادر مطلق هرگز گناهہ جهڙو ڪم نہ ڪندو.


هاڻي جيڪڏهن توکي ڪا سمجهہ آهي تہ هي ٻڌ: منهنجي ڪلام جي آواز ڏي ڪن ڏي.


اي عقلمند مردو، منهنجون ڳالهيون ٻڌو؛ اي علم وارو، مون ڏي ڪن ڏيو.


هائو سڀ ڏاها ماڻهو جي منهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ ۽ سمجهہ وارا ماڻهو مون کي چوندا:


جيڪو سڌاري کي پيار ڪري ٿو سو علم کي پيار ڪري ٿو: پر جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو حيوان آهي.


ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو ڏاهپ کي ڳولي ٿو پر انهيءَ کي لهي نٿو: مگر جنهن کي سمجهہ آهي تنهن کي علم آسانيءَ سان ملي ٿو.


سياڻي جي دل علم حاصل ڪري ٿي، ۽ ڏاهي جو ڪن علم ڳولي ٿو.


ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻ تہ ڀورڙو عقل سکي: سمجهہ واري کي عتاب ڏي ۽ هو علم سکندو.


جڏهن ٺٺولي ڪندڙ کي سزا ملندي آهي، تڏهن ڀورڙو عقل سکندو آهي: ۽ جڏهن ڏاهي کي تعليم ملندي آهي، تڏهن ان کي علم حاصل ٿيندو آهي.


تعليم ٻڌو، ۽ ڏاها ٿيو، ۽ انهيءَ کان انڪار نہ ڪريو.


ٺٺولي ڪندڙ کي ملامت نہ ڪر تہ متان هو توکي ڌڪاري: ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي ملامت ڪر تہ اُهو توکي پيار ڪندو.


ڏاهي ماڻهوءَ کي تعليم ڏي تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو: سچي ماڻهوءَ کي سيکار تہ هن جو علم زيادہ ٿيندو.


آءٌ موٽي آيس ۽ ڏٺم تہ سج هيٺان شرط جلد ڊوڙڻ وارو نٿو کٽي، ۽ نہ جنگ ڏاڍو ٿو کٽي، نڪي وري ماني ڏاهي کي ٿي ملي، نڪي دولت سمجهہ وارن ماڻهن کي ٿي حاصل ٿئي، نڪي عزت هنرمند ماڻهن کي نصيب ٿي ٿئي؛ پر سڀني سان وقت ۽ اتفاق لاڳو ٿو ٿئي.


آئون اوهان سان سمجهو ماڻهو ڄاڻي ٿو ڳالهايان، ۽ جيڪي چوان ٿو تنهن جي جاچ ڪريو.


سو اوهين انهن کي مڃيندا رهجو، ۽ مٿن عمل ڪجو؛ ڇالاءِ جو ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي: اهي هي سڀ قانون ٻڌي چوندا، تہ سچ پچ هن وڏي قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ