Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:4 - Sindhi Bible

4 ڀورڙن ماڻهن کي هوشياري ڏيڻ لاءِ، جوان ماڻهوءَ کي علم ۽ سياڻپ ڏيڻ لاءِ:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهن مان اٻوجھہ ماڻهو هوشياري، ۽ نوجوان ڄاڻ ۽ دانائي حاصل ڪري سگھن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ڀورڙن جي حفاظت ٿو ڪري؛ آءٌ دٻجي ويو هوس پر هن مون کي بچائي ورتو.


تنهنجي ڪلام جو مطالعو سوجهرو ٿو ڏئي؛ ۽ ڀورڙن کي سمجهہ ٿو بخشي.


ب جوان ماڻهو ڀلا ڪهڙيءَ طرح پنهنجي چال صاف رکندو؟ تنهنجي ڪلام موجب انهي جي خبرداري ڪرڻ سان.


خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جا جان کي تازگي ٿي ڏئي: ۽ خداوند جي شاهدي سچي آهي، جا نادان کي دانائي ٿي بخشي.


اي ٻارو اچو منهنجي ڳالهہ ٻڌو، آءٌ اوهان کي خداوند جو ڊپ سيکاريندس.


اي منهنجا پٽ، انهن کي پنهنجين اکين کان پري وڃڻ نہ ڏي؛ پوري ڏاهپ ۽ سياڻپ جي سنڀال رکج؛


مون ڏاهپ، هوشياريءَ کي پنهنجو گهر ڪيو آهي، ۽ آءٌ علم ۽ سياڻپ کي ڳولي لهان ٿي.


جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.


تنهن ڪري هاڻي، اي منهنجا پٽ، منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو؛ ڇالاءِ جو سڀاڳا آهن اهي جي منهنجن رستن جي سنڀال ٿا ڪن.


اڙي ڀورڙا، اوهين هوشياري پروڙيو؛ ۽ اڙي بيوقوف، اوهين سمجهو دل وارا ٿيو.


اي جوان، پنهنجي جوانيءَ ۾ خوش رهہ؛ ۽ ڀلي تہ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي دل توکي خوش رکي، ۽ تون پنهنجي دل جي مرضيءَ تي هل، ۽ پنهنجي اکين جي نظر تي هل: پر تون ڄاڻ تہ انهن سڀني ڳالهين لاءِ خدا توکي عدالت ۾ آڻيندو.


اُتي هڪڙو شاهي رستو جاري ٿيندو، هڪڙو رستو جو پاڪيزگيءَ جو رستو سڏجڻ ۾ ايندو؛ ڪوبہ ناپاڪ انهيءَ تان نہ لنگهندو؛ پر اهو انهن مسافرن جي لاءِ ٿيندو، هائو، بي عقل بہ انهي تي نہ ڀلبا.


سو اوهين انهن کي مڃيندا رهجو، ۽ مٿن عمل ڪجو؛ ڇالاءِ جو ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي: اهي هي سڀ قانون ٻڌي چوندا، تہ سچ پچ هن وڏي قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن.


پر جوانيءَ جي خواهشن کان پري ڀڄ، ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏ راستبازيءَ، ايمان، محبت ۽ صلح جو طالب ٿيءُ.


جوان ماڻهن کي بہ ساڳيءَ طرح سالم دل رهڻ لاءِ نصيحت ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ