Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:32 - Sindhi Bible

32 ڇالاءِ جو ڀورڙن جي گمراهي هنن کي ڪهندي، ۽ بي عقلن جي اقبال مندي هنن کي ناس ڪندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 بيشڪ جيڪي اٻوجھہ ۽ بي‌عقل نصيحت کان انڪار ڪن ٿا سي ماريا ويندا ۽ سندن لاپرواهي کين برباد ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:32
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل انهن جو دسترخانو انهن لاءِ ڦندو ٿئي؛ ۽ جڏهن اهي سلامتيءَ ۾ هجن تڏهن اها سندن لاءِ ڦندو ٿي پوي.


اي ڀورڙا، ڪيستائين اوهين ڀورڙائيءَ کي پيار ڪندا؟ ۽ ڪيستائين ٺٺولي ڪندڙن کي ٺٺولي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ٿيندي، ۽ بي عقل علم کي ڌڪاريندا؟


سچن جا چپ گهڻن کي کاڌو ڏين ٿا ۽ بي عقل سمجهہ نہ ڌارڻ ڪري مرن ٿا.


ڏاهو ماڻهو ڊڄي ٿو، ۽ بديءَ کان پري ڀڄي ٿو: پر بي عقل بي حيا ٿي هلي ٿو، ۽ يقين وارو ڏسجي ٿو.


ڇالاءِ جو هن جو گهر موت ڏانهن ڦريل آهي، ۽ هن جون واٽون اونداهيءَ ڏانهن:


شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.


پر جيڪو منهنجي برخلاف گناهہ ڪري ٿو سو پنهنجي روح تي ظلم ٿو ڪري: جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا سي سڀ موت کي پيار ٿا ڪن.


اڙي ڀورڙا، اوهين هوشياري پروڙيو؛ ۽ اڙي بيوقوف، اوهين سمجهو دل وارا ٿيو.


پر هو نہ ٿو ڄاڻي تہ مئل اتي آهن؛ ۽ ان جا مهمان قبر جي تري ۾ آهن.


آءٌ بہ انهن جي وهمن کي چونڊيندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿانئن آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو تڏهن انهن نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجيءَ نظر ۾ خراب هو سو انهن ڪيو، ۽ جنهن مان آءٌ راضي نہ هوس سو پسند ڪيائون.


خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.


افسوس آهي انهن جي حال تي، جي صيون ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ انهن جي حال تي، جي سامريہ جي جبل ۾ صحيح سلامت آهن، ۽ انهن مشهور ماڻهن جي حال تي، جي قوم جا سردار آهن، ۽ جن وٽ اسرائيل جي گهراڻي وارا اچن ٿا!


جيڪو فرزند تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي تنهن جي آهي، پر جيڪو فرزند جي نٿو مڃي، سو زندگي تہ نہ پَسندو، پر اُلٽو خدا جو غضب مٿس ٿو رهي.


تنهنجيءَ ٽوڪريءَ تي، ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهہ تي لعنت پوندي.


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


پر جي اوهان کي اها تربيت نہ ملي، جنهن ۾ سڀ شريڪ ٿيا آهن، تڏهن اوهين حرامزادا ٿيا، نہ سچا پٽ.


اوهين زمين تي عيش عشرت ۾ رهيا آهيو، ۽ موجون ماڻيون اٿوَ؛ قتلام جي ڏينهن لاءِ اوهان پنهنجين دلين کي تازو توانو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ