Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:31 - Sindhi Bible

31 تنهن ڪري هو خود پنهنجي راهہ جو ڦل ڀوڳيندا، ۽ پنهنجين تجويزن سان ڍءُ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڙيندا ۽ پنهنجي افعالن جي پوري پوري سزا ڀوڳيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:31
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن مون ڏٺو آهي، تيئن جيڪي ظلم ٿا کيڙين، ۽ فساد ٿا پوکين، سي لڻن بہ اهو ئي ٿا.


شل منهنجي اُمت منهنجو آواز ٻڌي، ۽ اسرائيل منهنجن واٽن تي هلي!


ماڻهو پنهنجي ڪلام جي وسيلي چڱائيءَ سان ڍءُ ڪندو: ۽ هن جي هٿن جو ڪيتو کيس ڏنو ويندو.


ماڻهو پنهنجي وات جي ڦل جي ڪري چڱائي کائيندو: پر دغابازن جي روح لاءِ ظلم زبردستي آهي.


گمراهہ دل وارو پنهنجن رستن سان ڀريل رهندو: ۽ چڱو ماڻهو پاڻ منجهان ئي راضي رهندو.


جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو: ۽ هن جي ڪاوڙ جي لٺ نڪمي ٿيندي.


شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.


هو تعليم نہ ملڻ ڪري مري ويندو؛ ۽ پنهنجي وڏيءَ بي عقليءَ جي ڪري هو گمراهہ ٿي ويندو.


پر جيڪو منهنجي برخلاف گناهہ ڪري ٿو سو پنهنجي روح تي ظلم ٿو ڪري: جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا سي سڀ موت کي پيار ٿا ڪن.


آءٌ بہ انهن جي وهمن کي چونڊيندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿانئن آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو تڏهن انهن نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجيءَ نظر ۾ خراب هو سو انهن ڪيو، ۽ جنهن مان آءٌ راضي نہ هوس سو پسند ڪيائون.


۽ جن ماڻهن وٽ هو نبوت ڪن ٿا سي ڏڪار ۽ ترار جي ڪري يروشلم جي گهٽين ۾ اُڇلايا ويندا، ۽ ڪوبہ انهن کي پورڻ وارو ڪونہ هوندو، نہ انهن کي نہ انهنجي زالن کي، نہ انهن جي پٽن، نہ انهن جي ڌيئن کي: ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي شرارت مٿن اوتي وجهندس.


خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جن ڪمن موجب سزا ڏيندس: ۽ آءٌ انهي جي ٻيلي ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس جو جيڪي بہ ان جي آس پاس آهي تنهن سڀ کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


اي زمين، ٻڌ: ڏس آءٌ هن قوم تي خرابي آڻيندس، يعني سندن خيالن جو نتيجو، ڇالاءِ جو هنن منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي اصل رد ڪري ڇڏيو اٿن.


تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊي آهي؛ مون پنهنجي غضب جي باهہ سان هنن کي ساڙي کپائي ڇڏيو آهي: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون هنن جي راهہ خود سندن سر تي آندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ