3 عقل جي وهنوار ۾، ۽ سچائي ۽ عدالت ۽ انصاف ۾ تعليم ملڻ لاءِ؛
3 اهي پڙهندڙن کي عقلمندي، ايمانداري، انصاف ۽ سچائيءَ سان زندگي گذارڻ سيکارين ٿيون.
۽ اها جيڪا عدالت بادشاهہ ڪئي سا سڄي اسرائيل قوم ٻڌي؛ ۽ هو بادشاهہ کان ڊڄڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي ڏاهپ آهي.
آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هن جي واتان شريعت قبول ڪر، ۽ هن جون ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍ.
صلاح مصلحت ٻڌ ۽ تعليم قبول ڪر، تہ پڇاڙيءَ ۾ تون ڏاهو ٿين.
تہ توکي سچ جي ڳالهين جي حقيقت معلوم ٿئي، ۽ جن توکي موڪليو آهي تن وٽ تون سچ جون ڳالهيون موٽي کڻي وڃين؟
واعظ ڪوشش ڪري پسنديءَ جهڙيون ڳالهيون، ۽ جيڪي سچيءَ طرح لکيل هو، يعني سچ جون ڳالهيون ڳولي لڌيون.