Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:25 - Sindhi Bible

25 پر اوهان منهنجي سڀ صلاح مصلحت باطل ڪري ڇڏي، ۽ منهنجو عتاب ٻڌڻ نہ گهريو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 اٽلندو اوهين منهنجي سڀني مشورن کي خسيس ٿا سمجھو، ۽ منهنجي تنبيهہ کي ٻڌڻ گوارا ئي نہ ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا منسيءَ ۽ سندس قوم سان ڳالهايو: پر هنن انهيءَ جي پرواهہ ڪانہ ڪئي.


پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


ڇو جو انهن خدا جي ڪلام جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ خدا تعاليٰ جي صلاح جي حقارت ڪيائون:


پر منهنجي اُمت منهنجو آواز نہ ٻڌو؛ ۽ اسرائيل مون کي نہ مڃيو.


انهن کي منهنجي نصيحت وٺڻ جي خواهش نہ هئي؛ انهن منهنجي عتاب کي خسيس سمجهيو.


جيڪو سڌاري کي پيار ڪري ٿو سو علم کي پيار ڪري ٿو: پر جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو حيوان آهي.


جيڪو رستو ڇڏي ڏئي ٿو تنهن جي لاءِ تڪليف جهڙي سيکت آهي: ۽ جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو مرندو.


۽ تون چوين تہ ڪيئن مون تعليم کي ڌڪاريو آهي، ۽ منهنجي دل فهمائش کي خسيس ڄاتو؛


مصلحت ۽ پوري ڄاڻپ منهنجي آهي؛ آءٌ سمجهہ آهيان؛ مون کي طاقت آهي.


تنهن ڪري خداوند، جو لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا آهي، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس، جا هنن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪئي آهي: ڇالاءِ جو مون هنن کي ٻڌايو آهي پر هنن نہ ٻڌو آهي؛ ۽ مون هنن کي سڏيو آهي پر هنن جواب ڪونہ ڏنو آهي.


پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن جو کانئس بپتسما نہ ورتي، تنهنڪري پنهنجي نسبت خدا جي ارادي کي رد ڪيائون.


پوءِ اوهين موٽي آيا ۽ خداوند جي حضور ۾ روئڻ لڳا؛ پر خداوند اوهان جو آواز نہ ٻڌو، نڪي اوهان ڏانهن ڪن ڏنائين.


۽ اوهين جيڪو بادشاهہ پنهنجي لاءِ پسند ڪندا تنهن جي ڪري انهي ڏينهن اوهين دانهون ڪندا؛ ۽ خداوند اُنهي ڏينهن اوهان جو عرض قبول نہ ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ