Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:22 - Sindhi Bible

22 اي ڀورڙا، ڪيستائين اوهين ڀورڙائيءَ کي پيار ڪندا؟ ۽ ڪيستائين ٺٺولي ڪندڙن کي ٺٺولي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ٿيندي، ۽ بي عقل علم کي ڌڪاريندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:22
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪهڙو ماڻهو ايوب جهڙو آهي، جو ڌڪار کي پاڻيءَ وانگر پي ٿو وڃي؟


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جو بڇڙن جي صلاح تي نٿو هلي، ۽ گنهگارن جي رستي تي نٿو بيهي، ۽ گلا خورن جي محفل ۾ نٿو ويهي.


اوهين جي اُمت ۾ وحشي آهيو سي ويچار ڪريو؛ ۽ اي بيوقوفو اوهين ڪڏهن سياڻا ٿيندا؟


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين اوهين منهنجن حڪمن ۽ منهنجي شريعت کي مڃڻ کان انڪار ڪندا؟


هوءَ انهيءَ هنڌ رڙيون ڪري ٿي جتي خاص طرح گهڻا ماڻهو گڏ ٿين ٿا؛ شهر ۾ دروازن جي لنگهہ تي هوءَ پنهنجون ٻوليون ٻڌائي ٿي.


ڇالاءِ جو جن علم کي ڌڪاريو ۽ خدا جي خوف کي پسند نہ ڪيو:


ڇالاءِ جو ڀورڙن جي گمراهي هنن کي ڪهندي، ۽ بي عقلن جي اقبال مندي هنن کي ناس ڪندي.


ڀورڙن ماڻهن کي هوشياري ڏيڻ لاءِ، جوان ماڻهوءَ کي علم ۽ سياڻپ ڏيڻ لاءِ:


خداوند جو خوف علم جو منڍ آهي: پر بي عقل، ڏاهپ ۽ تعليم کي ڌڪارين ٿا.


ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو ڏاهپ کي ڳولي ٿو پر انهيءَ کي لهي نٿو: مگر جنهن کي سمجهہ آهي تنهن کي علم آسانيءَ سان ملي ٿو.


ٺٺولي ڪندڙ پسند نٿو ڪري تہ ڪو کيس عتاب ڏئي: هو ڏاهي وٽ ويندو ئي ڪين.


سزا جا فيصلا ٺٺوليون ڪندڙن جي لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن، ۽ چهبڪ بي عقلن جي پٺن لاءِ


جڏهن ٺٺولي ڪندڙ کي سزا ملندي آهي، تڏهن ڀورڙو عقل سکندو آهي: ۽ جڏهن ڏاهي کي تعليم ملندي آهي، تڏهن ان کي علم حاصل ٿيندو آهي.


مغرور ۽ هٺيلي ماڻهوءَ جو نالو ٺٺولي ڪندڙ آهي، اهو مغروريءَ جي بي حيائيءَ سان ڪم ڪري ٿو.


سياڻو ماڻهو بڇڙائي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي لڪائي ٿو، پر ڀورڙا ماڻهو لنگهيو اڳتي وڃن ۽ انهيءَ ڪري نقصان سهن ٿا.


يقين آهي تہ هو ٺٺولي ڪندڙن تي ٺٺولي ٿو ڪري، پر هو نماڻن تي فضل ڪري ٿو.


۽ تون چوين تہ ڪيئن مون تعليم کي ڌڪاريو آهي، ۽ منهنجي دل فهمائش کي خسيس ڄاتو؛


اڙي سست، تون ڪيترو سمهندين؟ ڪڏهن تون پنهنجي ننڊ مان اُٿندين؟


۽ مون ڀورڙن ماڻهن منجهہ ڏٺو ۽ جوانن منجهہ بہ ڏٺم، ۽ هڪڙو بي سمجهہ جوان سهي ڪيم،


اڙي ڀورڙا، اوهين هوشياري پروڙيو؛ ۽ اڙي بيوقوف، اوهين سمجهو دل وارا ٿيو.


مون تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم، يعني تنهنجون زناڪاريون، ۽ هڻڪارون، ۽ حرامڪاريءَ جي شهوت بازي، ميدان ۽ ٽڪرن جي مٿان ڏٺي آهي. اي يروشلم، ويل هجي توسان؛ تون پاڪ ڪين ٿيندينءَ؛ ڪيستائين اڃا بہ اهو حال رهندو؟


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


هيءَ خراب جماعت، جا مون بابت ڪرڪر پيئي ڪري، تنهن سان آءٌ ڪيستائين صبر ڪندس؟ بني اسرائيل منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر پيا ڪن، سا مون ٻڌي آهي؛


۽ يسوع ورندي ڏيئي چيو تہ اي بي اعتقاد ۽ نرڄي قوم، آئون ڪيستائين اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ انهي کي مون وٽ وٺي اچو.


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


پر اوهين وڃي هن جي معنيٰ سمجهو، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني؛ ڇالاءِ جو آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.


۽ چيائين، تہ شل جيڪي امن واريون ڳالهيون آهن، تن کي تون، ها تون اڄوڪي ڏينهن سمجهين ها! پر هاڻي اُهي تنهنجين اکين کان لڪل آهن.


ڇوتہ هرڪو جو بڇڙائي ٿو ڪري، سو روشنائيءَ سان دشمني ٿو رکي ۽ روشنائيءَ ۾ نٿو اچي، جو متان سندس ڪمن جي ڪري ڏوراپو مليس.


۽ پهرين اها ڳالهہ ڄاڻو تہ آخرين زماني ۾ کل ٺٺولي ڪندڙ ايندا، ۽ پنهنجين نفساني خواهشن تي هلندا،


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ