2 ڏاهپ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ؛ سمجهہ جهڙين ڳالهين معلوم ڪرڻ لاءِ؛
2 هنن نصيحتن مان پڙهندڙ ڏاهپ ۽ سٺي صلاح حاصل ڪندا ۽ اونهي معنيٰ واريون ڳالهيون سمجھي سگھندا.
خداوند جو خوف ڏاهپ جي تعليم آهي؛ ۽ عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.
ڏاهپ هٿ ڪرڻ سون کان ڪيترو نہ گهڻو بهتر آهي! هائو، سمجهہ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان زيادہ پسند ڪرڻ جي لائق آهي.
ڪهڙي سبب ڏاهپ کي خريد ڪرڻ لاءِ بيوقوف جي هٿ ۾ قيمت موجود آهي، جڏهن هن کي ڪا سمجهہ ڪانهي؟
صلاح مصلحت ٻڌ ۽ تعليم قبول ڪر، تہ پڇاڙيءَ ۾ تون ڏاهو ٿين.
تڏهن تون سچائي ۽ عدالت ۽ انصاف،، هائو سڀڪا چڱي واٽ سمجهندين.
اي منهنجا پٽ، پيءُ جي تعليم ٻڌو، ۽ سمجهہ حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيو:
ڏاهپ کي چئُہ تہ تون منهنجي ڀيڻ آهين؛ ۽ سمجهہ کي پنهنجي مائٽياڻي سڏ:
تعليم ٻڌو، ۽ ڏاها ٿيو، ۽ انهيءَ کان انڪار نہ ڪريو.
اڙي ڀورڙا، اوهين هوشياري پروڙيو؛ ۽ اڙي بيوقوف، اوهين سمجهو دل وارا ٿيو.