Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:19 - Sindhi Bible

19 جيڪو ماڻهو نفعي جي لالچ ٿو رکي تنهنجا رستا اهڙا ئي آهن؛ اهو سندس ئي ساهہ ٿو ڪڍي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 هائو، جيڪو مال ملڪيت اهي ڏوهن مان حاصل ڪن ٿا، سا ناجائز ڪمائي ئي سندن برباديءَ جو سبب بڻجي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:19
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن مون انهيءَ جا ميوا پئسن کان سواءِ کاڌا آهن، يا انهن جي مالڪن جو ساهہ منهنجي معرفت نڪتو آهي:


هنن جي لچائي خود سندس مٿي تي اچي پوندي، ۽ هنن جو ظلم خود سندس ڪاپار تي ڪڙڪندو.


ڏاهپ سڙڪ تي وڏي سڏ رڙيون ڪري ٿي؛ هوءَ ڪشادين جاين تي پڪاري ٿي؛


جنهن کي نفعي جي لالچ ٿي رهي سو خود پنهنجي گهر کي تڪليف ۾ وجهي ٿو: پر جيڪو رشوت کي ڌڪاري ٿو سو جيئرو رهندو.


جيڪو چور جو ڀائيوار آهي سو خود پنهنجي جان کي ڌڪاري ٿو: هو قسم ٻڌي ٿو پر سچو بيان نٿو ڪري.


هڪڙي وڏي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، يعني دولت، جيڪا ان جو مالڪ پنهنجي نقصان لاءِ رکي ٿو.


انهي تي افسوس جو پنهنجي گهر لاءِ ناحق فائدو حاصل ٿو ڪري، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجو آکيرو مٿي رکي، تہ خرابيءَ کان بچي رهي!


نہ نشي باز، نہ مارڪٽ ڪندڙ؛ نہ تڪراري، نہ پيسي جو لالچي، پر حليم هجي؛


جڏهن لٽ جي مال ۾ مون هڪڙي سهڻي بابل جي پوشاڪ، ۽ ٻہ سؤ چانديءَ جا شيڪل، ۽ پنجاهن شيڪلن جي تور جي هڪڙي سوني ڇپر ڏٺي، ۽ انهن جي مون کي لالچ ٿي، تڏهن اُهي شيون مون کنيون؛ ۽ ڏس، اُهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين جي هيٺان لڪل آهن، ۽ چاندي انهن جي هيٺان آهي.


۽ يشوع چيو تہ ڇو تو اسان کي تڪليف ڏني آهي؟ خداوند اڄوڪي ڏينهن توکي تڪليف ڏيندو. پوءِ سڀني اسرائيلين هن کي سنگسار ڪيو؛ ۽ هن کي باهہ سان ساڙي پٿرن سان سنگسار ڪيائون.


۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ