Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:12 - Sindhi Bible

12 هل تہ هلي انهن کي قبر وانگر سڄا سارا جيئرو ئي ڳهي وڃون، انهن ماڻهن وانگر جي هيٺ کڏ ۾ ڪرن ٿا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيتوڻيڪ اهي هينئر چڱا ڀلا ۽ صحتمند آهن، تہ بہ اسين انهن کي هميشہ جي لاءِ مئلن جي دنيا ڏانهن روانو ڪري ڇڏينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ جڏهن انهن جي ڪاوڙ اسان تي ڀڙڪو کاڌو، تڏهن اهي اسان کي جيئرو ئي ڳڙڪائي وڃن ها:


اي خداوند مون کي جلد جواب ڏي؛ منهنجو روح ماندو ٿو ٿئي، مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ متان آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر ۾ ٿا پون.


اي خداوند، آءٌ توکي پڪاريندس؛ اي منهنجا ٽڪر، منهنجي ٻڌي اڻٻڌي نہ ڪر: متان ائين ٿئي تہ جڏهن تون مون ڏانهن خاموش رهين، تہ پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جي قبر ۾ ٿا پون.


ائين نہ ٿئي تہ اهي پنهنجي دل ۾ چون تہ واهہ واهہ، اسان اهو ئي ٿي گهريو: ۽ ائين نہ چون تہ اسان هن کي ڳڙڪائي ڇڏيو.


ڇو تہ انهن جي وات ۾ ڪا سچائي ڪانهي؛ انهنجو اندر تمام بڇڙو آهي: انهن جي نڙي کليل قبر آهي؛ اُهي پنهنجيءَ زبان سان خوشامد ٿا ڪن.


جيڪو مون کي ڳهي وڃڻ ٿو گهري تنهنجي طعنن کان بچائڻ لاءِ، هو آسمان مان موڪليندو؛ هائو خدا پنهنجو رحم ۽ سچائي موڪليندو.


۽ اسان کي هر طرح جو قيمتي مال هٿ ايندو، ۽ اسين پنهنجا گهر لٽ جي مال سان ڀرينداسين؛


بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر مون کي ڳڙڪائي ويو آهي، هن مون کي چپي ڇڏيو آهي، هن مون کي خالي ٿانوَ ڪري ڇڏيو اهي، هو مون کي ازدها وانگي ڳهي ويو آهي، هن منهنجن نعمتن سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي؛ هن مون کي اُڇلائي ڪڍي ڇڏيو آهي.


تنهنجن سڀني دشمنن تنهنجي کائڻ لاءِ وڏا وات پٽيا آهن؛ هو شوڪارا ٿا ڀرين ۽ ڏند ٿا ڪرٽين؛ هو چون ٿا تہ اسان هن کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ يقيناً اڄ اُهو ئي ڏينهن آهي جنهن لاءِ اسين منتظر هئاسين؛ اسان هن کي لڌو آهي، اسان هن کي ڏٺو آهي.


خداوند دشمن وانگر ٿي بيٺو آهي، هن اسرائيل کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ هو ان جون سڀ محلاتون ڳهي ويو آهي، هن اُن جا سڀ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن: ۽ هن يهوداہ جي ڌيءَ لاءِ ماتم ۽ زاري وڌائي آهي.


۽ جڏهن باهہ اڍائي سؤ ماڻهن کي ڀسم ڪري ڇڏيو، ۽ اها ٽولي مري ويئي، تڏهن زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ انهن کي قورح سميت ڳهي ويئي، ۽ اُهي عبرت جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيا.


هنن جي نڙي هڪڙي کليل قبر آهي؛ پنهنجي زبان سان هنن ٺڳي ڪئي آهي: ۽ سندن چپن ۾ نانگن جو زهر آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ