Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:11 - Sindhi Bible

11 جيڪڏهن هو چون تہ اسان سان هل تہ خونريزيءَ جي لاءِ منتظر ٿي ويهون، ۽ سبب کانسواءِ بي گناهہ جي لاءِ ڳجهيءَ طرح لڪي ويهون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ”اسان سان گڏ هلو تہ ڪنهن جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙي ويهون، يا لڪي ويهي بي‌گناهہ ماڻهن کي ناحق ڦاسائڻ لاءِ ڦندو اڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو انهي شينهن وانگر آهي، جنهن کي شڪار جي لالچ هجي، ۽ جو جوان شينهن وانگر ڳجهي هنڌ ڇپ هڻي ويهي ٿو.


ڇالاءِ جو اُنهن بي سبب مون لاءِ کڏ ۾ ڄار لڪايو آهي، ۽ بنا سبب منهنجيءَ جان جي لاءِ کڏ کوٽي اٿن.


اهي گڏجي لڪي ٿا ويهن، ۽ منهنجا پير پيا جاچين، ڄڻ تہ منهنجو ساهہ ڪڍڻ جي انتظار ۾ آهن.


ڇالاءِ جو هنن جا پير برائيءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن، ۽ هو رت هارڻ لاءِ تڪڙ ٿا ڪن.


ڇالاءِ جو اُهي پنهنجي ئي خون جي لاءِ منتظر ٿي ٿا ويهن، ۽ پنهنجين ئي حياتين لاءِ ڳجهيءَ طرح لڪي ٿا ويهن.


شريرن جون ڳالهيون خون ڪرڻ جي لاءِ لڪي ويهڻ جهڙيون آهن: پر سچن جو وات انهن کي ڇڏائي ٿو.


اي شرير شخص، سچي جي گهر ۾ گهڙڻ لاءِ ڇپ هڻي لڪي نہ ويهہ؛ هن جي آرام جي جاءِ خراب نہ ڪر:


جيڪو چور جو ڀائيوار آهي سو خود پنهنجي جان کي ڌڪاري ٿو: هو قسم ٻڌي ٿو پر سچو بيان نٿو ڪري.


ڪا پيڙهي اهڙي آهي جنهن جا ڏند ترارين جهڙا آهن، ۽ جنهن جون ڏاٺون ڪاتين جهڙيون آهن، انهي لاءِ تہ غريبن کي زمين تان، ۽ محتاجن کي ماڻهن منجهان ڳڙڪائي وڃن.


پر آءٌ هڪڙي غريب گهيٽي جهڙو هوس، جنهن کي ڪوس ڏي وٺي ويندا آهن؛ ۽ مون کي اها خبر نہ هئي تہ هنن منهنجي برخلاف منصوبا ٻڌا آهن، ۽ چيو اٿن تہ اچو تہ انهيءَ وڻ کي سندس ڦر سميت ناس ڪريون، ۽ هن کي جيئرن جي زمين مان وڍي ڇڏيون، تہ وري هن جو نالو ياد نہ رهي.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو ڏسجن ٿا: اُهي ماريءَ وانگي لڪيو ويٺا نهارين؛ هو دام وجهيو ماڻهو پيا ڦاسائين.


ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي.


پر هيئن جو ٿيو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ ڪلام، جو هنن جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ ”مون سان ناحق نفرت ڪئي اٿن،“ سو پورو ٿئي.


تنهنڪري هاڻي اوهين صدر مجلس وارن سان گڏجي پلٽڻ جي سردار کي چئو تہ هن کي اوهان وٽ وٺي اچي، ڄڻ تہ اوهان جي مرضي آهي تہ سندس معاملي جي اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪريو؛ ۽ اڃا هو پهچندو ئي ڪين تہ اسين ماري وجهنداسونس.


ڀلائي ڪري هن کي يروشلم ۾ گهُراءِ؛ ۽ پاڻ اهو وجهہ پئي ڳوليائون تہ رستي ۾ هن کي ماري کپائي ڇڏيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ