10 اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن گنهگار توکي ڌتارين، تہ تون هنن جي ڳالهہ متان مڃين.
10 اي منهنجا ٻارؤ! اوهين بڇڙن جي ڳالهين تي نہ هلو، توڙي جو اهي اوهان کي هرکائڻ لاءِ چون تہ
سو هاڻي اچو تہ هن کي قتل ڪري، ڪنهن کڏ ۾ اُڇلائي وجهون، پوءِ چونداسين تہ ڪو جهنگ جو مرون کائي ويو اٿس: پوءِ ڏسون تہ هن جي خوابن جو ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري.
مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جو بڇڙن جي صلاح تي نٿو هلي، ۽ گنهگارن جي رستي تي نٿو بيهي، ۽ گلا خورن جي محفل ۾ نٿو ويهي.
جڏهن تو چور کي ڏٺو، تڏهن تون انهيءَ سان ملي وئين، ۽ زناڪارن سان شريڪ ٿئين.
ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.
ظالم ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌتاري وٺي وڃي ٿو، ۽ انهيءَ رستي تي وٺي ٿو وڃيس جو چڱو ناهي.
جيڪو هيڏي هوڏي گلا غيبت ڪندو وتي سو ڳجهہ ظاهر ڪري ٿو: تنهن ڪري جيڪو پنهنجا چپ وڏا پٽي ٿو تنهن سان واسطو نہ رک.
ڇالاءِ جو هنن جي دل ظلم زبردستيءَ جي خيال ۾ ٿي رهي، ۽ هنن جا چپ نقصان جون ڳالهيون ٿا ڪن.
جيڪو راستيءَ سان هلي ٿو، ۽ سچ ڳالهائي ٿو؛ جيڪو ظلم جي نفعي کي حقير ٿو سمجهي، جيڪو رشوت کان پنهنجا هٿ هٽائي ٿو، جيڪو خونريزيءَ جي ڳالهين ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري ٿو، ۽ جيڪو بڇڙائيءَ ڏانهن نهارڻ کان پنهنجون اکيون بند ڪري ٿو؛
ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.
۽ اونداهيءَ جي اجاين ڪمن ۾ شريڪ نہ ٿيو، اُٽلندو انهن تي ڦٽڪار ڪريو؛
تڏهن بہ تون انهن جي ڳالهہ تي راضي نہ ٿج، نڪي انهن جو چوڻ ٻڌج؛ تون انهي تي قياس نہ ڪج، نڪي انهي سان ڪا مروت ڪج، نڪي انهي کي لڪائج: