1 اسرائيل جي بادشاهہ سليمان بن دائود جا مثل:
1 هي نصيحتون دائود جي پٽ سليمان جون بيان ڪيل آهن، جيڪو بني اسرائيل جو بادشاهہ هو.
۽ سليمان پنهنجي پيءُ دائود جي تخت تي ويٺو: ۽ هن جي بادشاهت گهڻي مضبوط ٿي.
۽ خداوند سليمان کي سياڻپ ڏني، جيئن ڪ هن سان انجام ڪيو هئائين؛ ۽ حيرام ۽ سليمان جي وچ ۾ صلح قائم رهيو؛ ۽ هنن ٻنهي پاڻ ۾ هڪڙو عهد ڪيو.
ڏس، توکي هڪڙو پٽ ڄمندو جو صلح پسند انسان ٿيندو؛ ۽ آءٌ کيس سڀني آس پاس جي دشمنن کان آرام ڏيندس: ڇالاءِ جو هن جو نالو سليمان ٿيندو، ۽ آءٌ سندس ڏينهن ۾ اسرائيل کي صلح ۽ امن بخشيندس:
۽ منهنجن سڀني پٽن مان، (ڇالاءِ جو مون کي خدا گهڻيئي پٽ ڏنا آهن،) هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو، اسرائيل جي مٿان خداوند جي بادشاهت جي تخت تي ويهي.
تڏهن سليمان خداوند جي تخت تي پنهنجي پيءُ دائود جي بدران بادشاهہ ٿي ويٺو، ۽ اقبالمند ٿيو؛ ۽ ساري اسرائيل سندس حڪم مڃيو.
۽ هن ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿي، دولت ۽ عزت سان آسودہ ٿي، وفات ڪئي: ۽ سندس پٽ سليمان سندس بدران بادشاهہ ٿيو.
سليمان جا مثل. ڏاهو پٽ پيءُ کي خوش ڪري ٿو: پر بي عقل پٽ پنهنجي ماءُ جي دل جو بار آهي.
تہ توکي سچ جي ڳالهين جي حقيقت معلوم ٿئي، ۽ جن توکي موڪليو آهي تن وٽ تون سچ جون ڳالهيون موٽي کڻي وڃين؟
هي بہ سليمان جا مثل آهن، جي يهوداهہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ماڻهن نقل ڪيا.
يروشلم جي بادشاهہ دائود جي پٽ واعظ جو ڪلام.
۽ وڌيڪ هي بہ تہ واعظ ڏاهو هو تنهن ڪري هن هميشہ ماڻهن کي علم سيکاريو؛ هائو، هن خيال ڪيو ۽ ڳولي ڪڍيائين، ۽ گهڻا ئي پهاڪا ترتيب وار بيهاريائين.
اهي ڳالهيون مون اوهان کي مثالن ۾ ٻُڌايون آهن، پر اُها گهڙي اچي ٿي جنهن ۾ آئون اوهان سان وري مثالن ۾ ڪين ڳالهائيندس، پر پيءُ بابت صاف صاف ڪري ٻڌائيندوسانوَ.