Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




فليمون 1:6 - Sindhi Bible

6 ۽ منهنجي دعا آهي تہ خدا تنهنجي ايمان جي شراڪت ۽ اوهان جي مسيح ۾ جيڪا نيڪيءَ جي سمجهہ آهي سا وڌائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان کي مسيح ۾ مليل آسيسن جي ڄاڻ تو ۾ جيئن جيئن وڌندي وڃي، تيئن تيئن اسان سان تنهنجي وشواس واري صحبت مسيح جي خاطر اثرائتي ثابت ٿيندي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 منهنجي دعا آهي تہ اسان کي مسيح ۾ مليل برڪتن جي ڄاڻ تو ۾ جيئن جيئن وڌندي وڃي، تيئن تيئن اسان سان تنهنجي ايماني رفاقت مسيح جي خاطر اثرائتي ثابت ٿيندي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 منھنجي دعا آھي تہ تون سرگرميءَ سان پنھنجو عقيدو ونڊين، ڇوتہ ائين ڪرڻ سان اسان ۾ موجود مسيح وارين برڪتن جي تو ۾ پوري پوري ڄاڻ پيدا ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




فليمون 1:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، تنهن يڪدم وڃي انهن سان واپار هلايو، ۽ ٻيا پنج قنطار بہ ڪمايائين.


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان چمڪي، تہ اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي، اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جي وڏائي ڪن.


۽ سندس دل جا ڳُجهہ ظاهر ٿي پوندا، ۽ نيٺ هو گوڏا کوڙي خدا کي سجدو ڪندو، ۽ قبول ڪندو تہ تحقيق خدا اوهان ۾ آهي.


ڇوتہ منهنجي لاءِ هڪڙو وڏو ۽ ڪارگر دروازو کُليو آهي، ۽ مخالف بہ گهڻا آهن.


هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو.


انهي ڪري جنهن ڏينهن اسان اهو ٻُڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اسين بہ اوهان جي لاءِ هيءَ دعا گهُرڻ ۽ عرض ڪرڻ کان بس نٿا ڪريون، تہ شل اوهين انهي جي مرضيءَ جي علم ڪري، ڪمال روحاني سياڻپ ۽ سمجهہ سان ڀرجي وڃو،


۽ نئين انسانيت ڍڪي اٿوَ، جا علم حاصل ڪرڻ لاءِ نئين ٿيندي ٿي وڃي، تہ پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي صورت وانگر ٿئي؛


اسانجن ماڻهن کي بہ گهرجي تہ ضرورتن جي رفع ڪرڻ ۾ مدد ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ سکن تہ بي ڦل نہ رهن.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


اي منهنجا ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون ايمان وارو آهيان، پر عمل ڪندڙ نہ هجي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟ اهڙي ايمان ڪري هن کي نجات ملندي ڇا؟


انهيءَ طرح ايمان بہ عمل کانسواءِ مُئل آهي.


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


ساڳيءَ طرح زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهن؛ انهي لاءِ تہ جي انهن مان ڪي ڪلام کي نہ مڃيندا هجن، تہ بہ پنهنجين زالن جي هلت چلت جي ڪري ڪلام ڪرڻ کانسواءِ خدا جي طرف ڇڪجي اچن؛


۽ نيت بہ نيڪ رکو تہ جن ڳالهين جي نسبت ۾ اوهان جي گلا ٿي ٿئي، تن ۾ جيڪي اوهان جي مسيحي چڱي هلت چلت جي بدگوئي ٿا ڪن، سي شرمندا ٿين.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اهي ڳالهيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون وينديون، تہ اُهي اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي سڃاڻپ ۾ سست ۽ بي ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ