Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




فليمون 1:16 - Sindhi Bible

16 نہ غلام وانگر پر غلام کان بهتر يعني پياري ڀاءُ وانگر. هو جسماني طور ۽ روحاني طور مون کي پيارو آهي، ۽ توکي تہ انهي کان بہ وڌيڪ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 هڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بهتر هڪ پيارو ڀاءُ ٿي رهي. هو مون کي تہ تمام پيارو آهي، پر تنهنجي گھر ۾ رهندڙ ۽ وري مسيح ۾ ڀاءُ هجڻ ڪري تنهنجو اڃا بہ وڌيڪ پيارو هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بهتر هڪ پيارو ڀاءُ ٿي رهي. هو مون کي تہ تمام پيارو آهي، پر تنهنجي گھر ۾ رهندڙ ۽ وري مسيح ۾ ڀاءُ هجڻ ڪري تنهنجو اڃا بہ وڌيڪ پيارو هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ھو ھڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بھتر ھڪ پياري ڀاءُ وانگر اچي رھي. ھو مون کي تمام پيارو آھي. پر غلام ۽ وري مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تہ تو کي اڃا بہ وڌيڪ پيارو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




فليمون 1:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوهين پاڻ کي ربي متان سڏايو، ڇالاءِ جو اوهان جو اُستاد هڪڙو آهي، ۽ اوهين سڀيئي ڀائر آهيو.


پوءِ حنانياہ اُٿي هليو، ۽ انهي گهر ۾ ويو ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي چوڻ لڳو، تہ ادا شائول، جنهن خداوند يسوع توکي واٽ تي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن مون کي موڪليو آهي تہ توکي ڏسڻ جي طاقت ملي، ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.


ڇالاءِ جو جيڪو غلاميءَ جي حالت ۾ خداوند ۾ سڏيو ويو، سو خداوند جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو آزاديءَ جي حالت ۾ سڏيو ويو، سو مسيح جو غلام آهي.


اي نوڪرو، جيڪي جسماني طور اوهان جا ڌڻي آهن، تن جو سڀني ڳالهين ۾ حڪم مڃو؛ ڏيکاءَ جي نوڪري نہ ڪريو، جيئن خوشامدڙيا ڪندا آهن، پر صاف دل ٿي خداوند کان ڊڄي نوڪري ڪريو:


۽ جن جا مالڪ ايمان وارا آهن، تن کي هو نہ ڌڪارين، ڇو جو اُهي بہ ڀائر آهن؛ بلڪ انهن کي گهرجي تہ سندن بهتر خدمت ڪن، ڇالاءِ تہ جن کي (خدمت جو) فائدو ٿو ملي، سي ايمان وارا ۽ پيارا آهن. انهن ڳالهين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.


تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.


جنهن کي اهو ايمان آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي، ۽ جيڪو پيدا ڪندڙ کي پيار ٿو ڪري، سو انهي کي بہ پيار ٿو ڪري جنهن کي هن پيدا ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ