Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبدياہ 1:3 - Sindhi Bible

3 تون جو ٽڪرن جي چرن ۾ رهين ٿو، جنهن جي رهڻ جو مڪان مٿانهون آهي، توکي تنهنجي دل جي مغروريءَ ٺڳيو آهي، جو پنهنجي دل ۾ چوين ٿو تہ ڪير مون کي زمين تي ڪيرائي وجهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تون مٿاهين جبل تي مضبوط قلعي ۾ ٿي رهين، جنهن سبب تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’ڪير آهي جيڪو مون کي هيٺ زمين تي ڪيرائي سگھي؟‘ پر اي جبلن ۾ رهندڙ قوم! تنهنجي مغروري ئي تو کي دوکو ڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبدياہ 1:3
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عيسو، جنهن جو ٻيو نالو ادوم بہ ٿو سڏجي، سو وڃي شعير جبل ۾ رهڻ لڳو.


هن لوڻ واريءَ واديءَ ۾ ادومين مان ڏهہ هزار ڪُٺا، ۽ جنگ ڪري سلع ورتائين، ۽ انهيءَ جو نالو يقتيل رکيائين، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


۽ امصياہ همت جهلي پنهنجا ماڻهو وٺي لوڻ واريءَ واديءَ ڏي ويو، ۽ بني شعير جا ڏهہ هزار ماڻهو ماري وڌائين.


۽ ٻيا ڏهہ هزار بني يهوداہ جيئرا کڻي ويا، ۽ انهن کي ٽڪر جي چوٽيءَ تي آڻي اتان هيٺ اُڇلائي وڌائون، جنهنڪري هو سڀ پرزا پرزا ٿي ويا.


جيتوڻيڪ هن جي وڏائي چڙهي آسمانن تائين وڃي پهچي، ۽ هن جو مٿو ڪڪرن تائين وڃي رسي؛


مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي.


ناس ٿيڻ کان اڳي ماڻهوءَ جي دل مغرور ٿي ٿئي، پر عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.


ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ هن کي نيچو ڪندي: پر جيڪو نماڻي طبيعت جو آهي، سو عزت حاصل ڪندو.


اسان موآب جي مغروريءَ جو ٻڌو آهي؛ بلڪ هن جي بيحيائي، ۽ هن جي هٺ، ۽ هن جي ڪاوڙ جو؛ هن جون ٻٽاڪون ڪي بہ ڪين آهن.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي واديءَ جا رهاڪو، ۽ ميدان جي ٽڪر جا رهاڪو، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ جو اوهين چئو ٿا تہ ڪير اسان تي ڪاهي ايندو؟ يا ڪير اسان جن گهرن ۾ گهڙندو؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين هيئن چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ڪسدي ضرور اسان وٽان هليا ويندا: ڇالاءِ جو اُهي هليا نہ ويندا.


اي موآب جا رهاڪو، شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪر ۾ رهو؛ ۽ انهي ڪبوتر جهڙا ٿيو جو غار جي منهن جي پاسن ۾ پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو.


باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.


اي بي ايمان ڌيءَ، ڪهڙي سبب تون وادين تي، پنهنجي وهندڙ واديءَ تي، فخر ٿي ڪرين؟ تو پنهنجي خزانن تي ڀروسو ٿي رکيو ۽ چيو ٿي تہ مون تائين ڪير ايندو؟


تنهنجي واپار جي گهڻائي کان هنن تنهنجو وچ ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو، ۽ تو گناهہ ڪيو آهي: تنهنڪري مون توکي پليت ڄاڻي خدا جي جبل تان اُڇلائي ڇڏيو آهي، ۽ اي ڇانوَ ڏيندڙ ڪروبي، مون توکي باهہ جي پٿرن جي وچ مان ناس ڪري ڇڏيو آهي.


هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ