Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 9:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن موسيٰ چين تہ اوهين ترسو تہ مون کي خبر پوي تہ خداوند اوهان جي نسبت ۾ ڇا ٿو فرمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 موسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”اوهين ترسو جيستائين مون کي خبر پوي تہ خداوند اوهان جي باري ۾ ڪهڙو حڪم ٿو ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 9:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان کي هن جنگ ۾ وڙهڻ جو ضرور نہ ٿيندو: پاڻ کي تيار ڪري ماٺ ڪري بيهي رهو، پوءِ اي يهوداہ ۽ يروشلم، خداوند جو ڇوٽڪارو جو اوهان ساڻ آهي ڏسجو: ڊڄو نہ، نہ ڪو خوف ڪريو: سڀاڻي هنن تي ڪاهي وڃجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان سان آهي.


جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا سي ئي سندس ڳجهہ کان واقف آهن؛ ۽ اُنهن کي هو پنهنجو عهد سمجهائيندو.


جيڪي خداوند خدا فرمائيندو سو آءٌ ٻڌندس: ڇو جو هو پنهنجي اُمت ۽ پنهنجن مقدسن سان سلامتيءَ جي ڳالهہ ڪندو: پر اهي وري بيوقوفي نہ ڪن.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، صبر ڪريو خداوند جو ڇوٽڪارو ڏسو جو اڄ هو ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ جن مصرين کي اوهين اڄ ڏسو ٿا، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري کي چيو تہ، ڇالاءِ جو ماڻهو خدا کان صلاح وٺڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن.


۽ جيڪي آءٌ چوان سو تون انهن کي ٻڌائج، پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن: ڇالاءِ جو اُهي نهايت باغي آهن.


اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نگهبان بنايو آهي: تنهنڪري منهنجي واتان هي ڪلام ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.


۽ هنن انهي ماڻهوءَ کي قيد ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ انهي جي بابت کين خداوند جو حڪم معلوم ٿئي.


۽ انهن کيس پهري هيٺ رکيو، ڇالاءِ جو انهن کي اهو ڪونہ ڄاڻايل هو تہ هن سان ڪهڙي هلت ڪجي.


تڏهن موسيٰ انهن جي دعويٰ خداوند جي حضور ۾ پيش ڪئي.


۽ انهن کي چيائون تہ اسين هڪڙي مردي جي ڪري ناپاڪ ٿيا آهيون، سو اسين بني اسرائيل مان، خداوند جي لاءِ ٺهرايل وقت تي قرباني چاڙهڻ کان روڪيا وڃون ڇا؟


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


ڇالاءِ تہ ڪلام جو تو مون کي ڏنو، سو مون کين ڏنو آهي، ۽ اُهو هنن قبول ڪيو آهي، ۽ سچ پچ ڄاتو اٿن تہ آئون تو وٽان آيو آهيان، ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُري، تہ کيس انهيءَ تعليم بابت خبر پوندي، تہ اُها خدا وٽان آهي يا آئون پاڻو ٿو چوان.


ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس.


ڇالاءِ جو اها ڳالهہ مون کي خداوند کان ملي، ۽ مون اوهان کي پهچائي ڏني، تہ ڪهڙيءَ طرح جنهن رات خداوند يسوع حوالي ڪيو ويو، هن ماني کنئي،


ڇالاءِ جو آئون پنهنجي برخلاف ڪي بہ ڪين ٿو ڄاڻان، تڏهن بہ انهي ڪري آئون راستباز نٿو ٺهرجان. پر منهنجو جاچيندڙ خداوند آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ