Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 9:5 - Sindhi Bible

5 تڏهن انهن سينا جي بيابان ۾، پهرئين مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو فسح ملهائيو. جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن انهن سينا جي بيابان ۾، پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ سج لٿي جو عيد فصح ملهائي. جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 9:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو نوح ائين ئي ڪيو، ۽ جيڪو بہ حڪم خدا ڏنو هوس، سو بجاءِ آندائين.


تڏهن نوح خداوند جي حڪم موجب سڀ ڪجهہ ڪيو.


۽ سڀني بني اسرائيلين ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.


انهيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سڀ ڪجهہ ڪيو.


مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سمورو ڪم ڪيو.


سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو: جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن هنن ڪيو.


۽ موسيٰ بني اسرائيل کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


سو موسيٰ، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت، لاوين سان انهيءَ طرح ڪيو؛ جيئن خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل انهن سان ڪيو.


سو موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ اوهين فسح جي عيد ملهائجو.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو.


سو، اي بادشاهہ، آسمان مان جو اهو رويا ڏٺم، تنهن کان منهن نہ موڙيم.


۽ چاليهين ورهيہ ۾، يارهين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو، جو جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي فرمايون هيون، سي هن بني اسرائيل کي چئي ٻڌايون؛


ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


ايمان جي ڪري جڏهن ابراهيم کي سڏ ٿيو، تڏهن حڪم مڃي انهي هنڌ ويو، جتي کيس ورثو ملڻو هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، تہ بہ اُٿي روانو ٿيو.


هاڻي موسيٰ تہ خدا جي گهراڻي ۾ خادم وانگر ايماندار ۽ وفادار رهيو؛ انهي لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون پوءِ بيان ٿيڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي؛


پوءِ بني اسرائيل جلجال ۾ منزل ڪئي، ۽ يريحو جي ميدانن ۾، فسح جي عيد انهيءَ مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو ملهائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ