Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 9:22 - Sindhi Bible

22 پر جيستائين ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان بيٺو هوندو هو، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا، ۽ ڪوچ ڪين ڪندا هئا؛ پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا مهينو هجي يا سال هجي. وري جڏهن اهو کڄندو هو، تڏهن اهي ڪوچ ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان بيٺو هوندو هو، پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا هڪ مهينو هجي يا انهيءَ کان وڌيڪ عرصو هجي، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا ۽ روانا ڪين ٿيندا هئا. پر جڏهن اهو کڄندو هو تڏهن اهي منزل کڻي روانا ٿيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 9:22
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن کي سنئين واٽ ۾ هلايو، تہ اهي رهڻ لاءِ ڪنهن شهر ۾ وڃن.


مون کي پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ سيکار؛ ڇو جو تون منهنجو خدا آهين: تنهنجو نيڪ روح مون کي سچارن جي ملڪ ۾ هلائي.


آءٌ توکي تعليم ڏيندس، ۽ جنهن رستي تي توکي هلڻ گهرجي سو ڏيکاريندس: آءٌ توکي صلاح ڏيندس ۽ منهنجي نظر توتي رهندي.


ڇو تہ هي خدا هميشہ تائين اسان جو خدا آهي: هو موت تائين اسان جو سونهون ٿيندو.


تون پنهنجيءَ صلاح سان منهنجي هدايت ڪندين، ۽ نيٺ مون کي جلال ۾ قبول ڪندين.


تو پنهنجي اُمت جي ڌڻ وانگي موسيٰ ۽ هارون جي معرفت رهبري ڪئي.


مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سمورو ڪم ڪيو.


سو موسيٰ ائين ڪيو، يعني جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي ڪيائين.


سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو: جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن هنن ڪيو.


سو موسيٰ، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت، لاوين سان انهيءَ طرح ڪيو؛ جيئن خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل انهن سان ڪيو.


۽ جڏهن ڪڪر تنبوءَ تان کڄي ويندو هو، تڏهن بني اسرائيل انهي جي پٺيان ڪوچ ڪري هلندا هئا، ۽ جنهن جاءِ تي ڪڪر بيهندو هو، انهيءَ جاءِ تي بني اسرائيل منزل ڪندا هئا.


۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪڪر فقط شام کان وٺي صبح تائين بيهندو هو، ۽ جڏهن صبح جو ڪڪر کڄي ويندو هو، تڏهن هو ڪوچ ڪري نڪرندا هئا: ڏينهن جو توڙي رات جو، جنهن بہ وقت ڪڪر کڄندو هو، انهي وقت هو ڪوچ ڪندا هئا.


۽ ساڻن گڏجي کين تاڪيد ڪيائين تہ يروشلم کان ٻاهر نہ وڃجو پر ابي جو واعدو، جيڪو اوهان مون کان ٻُڌو، تنهن جو انتظار ڪجو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ