Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 9:18 - Sindhi Bible

18 خداوند جي حڪم تي بني اسرائيل ڪوچ ڪندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا؛ جيستائين ڪڪر خيمي جي مٿان رهندو هو، تيستائين هو منزل ڪري ويٺا هوندا هئا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 يعني بني اسرائيل خداوند جي حڪم تي منزل کڻي هلندا هئا ۽ سندس ئي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا. جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان رهندو هو تيستائين هو اُتي منزل ڪري ويٺا هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 9:18
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان مان رواني ٿي، ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون؛ ۽ اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.


انهيءَ طرح هنن موسيٰ جي معرفت مليل، خداوند جي حڪم موجب مسافري شروع ڪئي.


انهيءَ طرح هميشہ ٿيندو رهيو يعني ڪڪر انهي تي ڇانوَ ڪندو هو، ۽ رات جو باهہ وانگي ڏسڻ ۾ ايندو هو.


۽ جڏهن ڪڪر خيمي جي مٿان گهڻن ڏينهن تائين بيهي رهندو هو، تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب خدمت ڪندا هئا، ۽ اڳتي ڪوچ ڪين ڪندا هئا.


۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان ٿورا ڏينهن بيهندو هو، تڏهن هو خداوند جي حڪم موجب منزل ڪري ويهندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم موجب ڪوچ ڪندا هئا.


اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان ناواقف رهو، تہ اسان جي ابن ڏاڏن تي ڪڪر جي ڇانوَ هئي، ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگهي ويا،


۽ پيار هي آهي تہ خدا جي حڪمن تي هلون. هي اهو حڪم آهي، جو اوهان شروعات کان وٺي ٻُڌو، ۽ اوهان کي انهي تي هلڻ گهرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ