Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 9:15 - Sindhi Bible

15 ۽ جنهن ڏينهن عبادت جو خيمو کڙو ڪيو ويو، تنهن ڏينهن ڪڪر عبادتگاهہ کي، يعني شهادت جي تنبوءَ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ سانجهيءَ جو اهو عبادتگاهہ جي مٿان باهہ جي صورت ۾ رهيو، جيسين ڪ وري صبح ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جنهن ڏينهن مقدس خيمو، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، کڙو ڪيو ويو تنهن ڏينهن ڪڪر انهيءَ کي ڍڪي ڇڏيو. جڏهن تہ سانجھيءَ کان صبح تائين اهو مقدس خيمي جي مٿان باهہ جي صورت ۾ رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 9:15
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانسواءِ تون انهن کي ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ سان وٺي هلئين؛ ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ سان، انهيءَ لاءِ تہ جنهن رستي تي اُنهن کي هلڻو هجي، انهيءَ تي هنن کي روشنائي ڏين.


تڏهن بہ تو پنهنجي نهايت گهڻي رحم جي ڪري، هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو: اهو ڪڪر جو ٿنڀو ڏينهن جو هنن کي رستي ڏيکارڻ کان ڇڏي هليو نہ ويو؛ نڪي باهہ جو ٿنڀو جنهن رستي تي هنن کي هلڻو هو، تنهن جي ڏيکارڻ ۽ روشنائي ڪرڻ کان هنن کي ڇڏي ويو.


هن ڇانوَ ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ هڪڙو ڪڪر موڪليو؛ ۽ رات جو سوجهري لاءِ باهہ موڪيائين.


۽ ڏينهن جي وقت ڪڪر سان، ۽ رات جو باهہ جي سوجهري سان، انهن جي رهبري ڪيائين.


۽ خداوند اُنهن کي ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾ رستو ڏيکاريندو هو، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ سوجهرو ڏيندو هون، تہ اهي رات ڏينهن پنڌ ڪري سگهن؛


اهو ڪڪر جو ٿنڀ ڏينهن جي وقت، ۽ باهہ جو ٿنڀ رات جي وقت، ماڻهن جي اڳيان اصل ئي گم ڪونہ ٿيندو هو.


۽ صبح جو سوير هيئن ٿيو، جو خداوند باهہ جي ۽ ڪڪر جي ٿنڀ منجهان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو، ۽ مصرين جي لشڪر کي پريشان ڪيائين.


تون پهرين تاريخ جماعت واري تنبوءَ ۾ عبادت جو خيمو کڙو ڪج.


تڏهن ڪڪر جماعت واري تنبوءَ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ عبادت جو خيمو خداوند جي جلال سان ڀرجي ويو.


۽ موسيٰ جماعت واري تنبوءَ ۾ گهڙي نہ سگهيو، ڇالاءِ جو انهي جي مٿان ڪڪر بيٺل هو، ۽ خيمو خداوند جي جلال سان ڀريل هو.


ڇالاءِ تہ اسرائيل جي سڄي گهراڻي جي سامهون، سندن مسافري ۾، ڏينهن جو خداوند جو ڪڪر خيمي تي بيٺو رهندو هو، ۽ رات جو انهيءَ ۾ باهہ رهندي هئي.


۽ خداوند صيون جبل جي سڀ ڪنهن مڪان تي، ۽ ان جي جماعتن تي، ڏينهن جو ڪڪر ۽ دونهون، ۽ رات جو شعلي وانگر باهہ جو سوجهرو پيدا ڪندو: ڇالاءِ جو انهيءَ ساري جلال تي هڪڙي ڇٽي پکيڙي ويندي.


۽ جڏهن هو منزلگاهہ مان روانا ٿيا، تڏهن خداوند جو ڪڪر ڏينهن جو سندن مٿان ٿي رهيو.


۽ اهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا: انهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند هن اُمت ۾ آهين؛ ڇو جو تون خداوند هنن کي روبرو ڏيکاري ٿو ڏين، ۽ تنهنجو ڪڪر هنن جي مٿان ٿو بيهي، ۽ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ هنن جي اڳيان ٿو هلين.


۽ موسيٰ اُهي شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ خداوند جي حضور ۾ آڻي رکيون.


اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان ناواقف رهو، تہ اسان جي ابن ڏاڏن تي ڪڪر جي ڇانوَ هئي، ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگهي ويا،


جو اوهان جي اڳيان ٿي هليو، تہ اوهان کي تنبن کوڙڻ جي لاءِ جاءِ ڳولي ڏئي، ۽ رات جو باهہ سان، ۽ ڏينهن جو ڪڪر سان اوهان کي رستو ڏيکاري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ