Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 9:14 - Sindhi Bible

14 ۽ جيڪڏهن ڪو پرديسي اوهان ۾ اچي رهي، ۽ خداوند جي فسح ۾ شامل ٿيڻ چاهي، تہ هو فسح جي قانون ۽ حڪم موجب هلت ڪري. اوهان جي لاءِ هڪڙو ئي قانون آهي؛ جهڙو پرديسيءَ لاءِ، تهڙو ئي انهي لاءِ جو ملڪ ۾ ڄاول هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جيڪڏهن ڪو ڌاريو اوهان ۾ رهندو هجي ۽ هو عيد فصح ملهائڻ گھري تہ هو انهيءَ جا سمورا قاعدا قانون بجا آڻي. سڀني جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، جهڙو بني اسرائيل لاءِ تهڙو ڌارئي لاءِ.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 9:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بني اسرائيل، جي وري بہ قيد مان ڇُٽي آيا هئا، ۽ اُهي ماڻهو جي ملڪ جي غير قومن جي گندگيءَ مان نڪري، پاڻ کي ڌار ڪري، خداوند اسرائيل جي خدا جي ڳولڻ لاءِ هنن وٽ آيا هئا، تن سڀني کاڌو،


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ فسح جو قاعدو هيءُ آهي، تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهيءَ مان نہ کائي.


اسرائيل جي ساري جماعت انهيءَ تي عمل ڪري.


۽ تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جا سڀ ڇڳا ڇني گڏ نہ ڪج، نڪي پنهنجي ڊاک جا ڪريل داڻا چونڊي کڻج؛ پر اهي غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ اوهين ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي هٿان انهن مان ڪو وٺي، پنهنجي خدا جي خوراڪ لاءِ پيش نہ ڪجو؛ ڇالاءِ جو انهن ۾ سندن خرابي آهي ۽ منجهن عيب آهي: اهي اوهان جي لاءِ قبول نہ پوندا.


اوهان جي لاءِ هڪڙي ئي شريعت آهي، جهڙي ملڪ ۾ ڄاولن جي لاءِ، تهڙي پرديسين جي لاءِ: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جشن واري سال کان پوءِ جيترا ورهيہ گذريا هجن، تن موجب تون پنهنجي پاڙيسريءَ کان خريداري ڪج، ۽ باقي ورهين جي فصل جي شمار موجب، هو توکي وڪرو ڪري ڏئي.


جماعت جي لاءِ، يعني اوهان جي لاءِ، ۽ جيڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي انهي جي لاءِ، اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ هڪڙو ئي قانون ٿيندو: خداوند جي اڳيان پرديسي مسافر بہ اهڙا ئي آهن، جهڙا اوهين آهيو.


اوهان جي لاءِ، ۽ جيڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي، انهي جي لاءِ هڪڙي ئي شريعت ۽ هڪڙو ئي قانون ٿيندو.


اوهان جا ننڍڙا ٻار، اوهان جون زالون، ۽ تنهنجيءَ منزلگاهہ ۾ رهندڙ مسافر، تنهنجي ڪاٺير کان وٺي تنهنجي بهشتيءَ تائين:


۽ تون سڀني ماڻهن کي، يعني مردن ۽ زالن ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي پرديسي تنهنجي شهر ۾ هجن، تن سڀني کي گڏ ڪج، تہ اهي ٻڌن، ۽ سکن، ۽ خداوند تنهنجي خدا کان ڊڄندا رهن، ۽ هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ