Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 9:10 - Sindhi Bible

10 بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪڏهن اوهان مان يا اوهان جي اولاد مان ڪو ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿئي، يا ڪنهن ڏورانهينءَ مسافريءَ ۾ هجي، تہ بہ هو خداوند جي لاءِ فسح جي عيد ملهائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪڏهن اوهان مان يا اوهان جي اولاد مان ڪي ماڻهو مُڙدي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿي پون، يا ڪنهن ڏورانهين مسافريءَ ۾ هجن، تہ بہ هو مون خداوند جي لاءِ عيد فصح ملهائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 9:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يروشلم ۾ گهڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ ٻئي مهيني ۾ اڻ خمير ٿيل مانيءَ جي عيد ڪن، ۽ هڪڙي تمام وڏي جماعت گڏ ٿي ويئي.


ڇالاءِ جو قوم مان تمام گهڻن ماڻهن، يعني افرائيم ۽ منسي، اشڪار ۽ زبولون مان ڪيترن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، تڏهن بہ هنن جيئن لکيل هو تيئن نہ، پر ٻئي طرح فسح کاڌي. ڇالاءِ جو حزقياہ هنن جي پاران دعا گهري هئي ۽ چيو هئائين تہ شل نيڪ خداوند سڀ ڪنهن کي بخشي


ڇالاءِ جو بادشاهہ ۽ سندس اميرن ۽ ساري جماعت يروشلم ۾ صلاح مشورت ڪئي هئي تہ ٻئي مهيني ۾ فسح جي عيد ڪن.


ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو هو اها عيد ملهائين، ۽ هو اها فطيري مانيءَ ۽ ڪؤڙين ڀاڄين سان گڏ کائين.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


تہ پنهنجو نذرانو اُتي قربانگاهہ جي اڳيان ڇڏي، پهرين وڃي پنهنجي ڀاءُ سان پرچ، پوءِ اچي پنهنجو نذرانو چاڙهہ.


هاڻي يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي: ۽ ٻهراڙيءَ مان گهڻيئي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ فسح کان اڳي يروشلم ۾ ويا.


تنهنڪري هرڪو ماڻهو پاڻ کي پرکي ۽ خيال سان انهيءَ مانيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ