6 بني اسرائيل مان لاوين کي جدا ڪري مخصوص ڪر؛
6 ”بني اسرائيل مان لاوين کي جدا ڪري کين پاڪ ڪر.
اي منهنجا ٻچڙا هاڻي غفلت نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو آهي تہ هن جي اڳيان بيهو ۽ خدمت ڪريو، ۽ اوهين هن جا خادم ٿيو ۽ لوبان ساڙيو.
۽ هن ماڻهن کي چيو تہ ٽئين ڏينهن لاءِ تيار ٿيو: ڪوبہ زال کي ويجهو نہ وڃي.
اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.
پوءِ جيڪو ڪاهن هن کي پاڪ ٺهرائي، سو انهي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ کي انهن شين سميت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري:
۽ هو سوناري وانگر ويهي بني لاويءَ کي سون ۽ چانديءَ وانگي پاڪ صاف ڪندو؛ تہ هو سچائيءَ سان خداوند جي حضور نذرانا آڻين.
لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجهو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ اهي هن جي خدمت ڪن.
۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.
انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.
خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو.