Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 8:24 - Sindhi Bible

24 لاوين جي ذمي جيڪو ڪم آهي، سو هي آهي؛ يعني جن جي عمر پنجويهہ ورهيہ ۽ انهي کان مٿي هجي، سي جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ”لاوين جي باري ۾ هي حڪم آهي تہ جن جي عمر پنجويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي سي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 8:24
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٽيهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارا لاوي ڳڻيا ويا: ۽ انهن جو شمار هڪ هڪ ماڻهو ڪري اٺٽيهہ هزار ٿيو.


۽ انهن کي بہ، جي ڪاهنن جي ابن جي گهراڻن موافق سندن نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، ۽ انهن لاوين کي بہ، جي ويهن ورهين جي عمر جا ۽ ان کان مٿي هئا، ۽ حصن موجب پنهنجي واري سان ڪم ڪندا هئا؛


پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.


۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪر.


۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي، پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪريو.


۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪو جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿئي، تن سڀني جو شمار ڪر.


۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا،


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ جڏهن پنجاهہ ورهين جا ٿين، تڏهن خدمت ڪرڻ کان بس ڪن، ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن.


ڪڏهن ڪو سپاهي پنهنجي خرچ تي جنگ ڪري ٿو ڇا؟ اهو ڪير آهي جو ڊاک جو منهہ پوکي ٿو ۽ انهي جو ڦل نٿو کائي؟ يا ڪير ڌڻ چاري ٿو ۽ ڌڻ جو کير نٿو پيئي؟


ڇالاءِ جو اسان جي جنگ جا هٿيار جسماني نہ آهن، پر اهڙا سگهارا آهن جو خدا جي وسيلي مضبوط قلعا بہ ڊاهيو وجهن؛


اي منهنجا فرزند تيمٿيس، جيڪي پيشنگوئيون تو بابت اڳي ڪيون ويون هيون، تن موجب آئون توکي اها تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن جي ڪري تون چڱي جنگ ڪندو رهہ؛


ايمان جي چڱي جنگ ڪر، هميشہ جي زندگيءَ تي قبضو ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هُئين، ۽ گهڻن شاهدن جي روبرو چڱو اقرار ڪيو هوءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ