Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 8:21 - Sindhi Bible

21 ۽ لاوين پاڻ کي گناهہ کان پاڪ ڪيو، ۽ هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا، ۽ هارون انهن کي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪيو، ۽ هارون انهن کي پاڪ ڪرڻ لاءِ سندن واسطي ڪفارو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوتائون. پوءِ هارون کين خداوند جي حضور ۾ سندس مخصوص حصي طور پيش ڪيو. هن کين پاڪ ڪرڻ لاءِ سندن واسطي ڪفارو ادا ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 8:21
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي اڄ ۽ سڀاڻي انهن کي مخصوص ڪر، ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن،


پوءِ جيڪو ڪاهن هن کي پاڪ ٺهرائي، سو انهي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ کي انهن شين سميت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري:


ٽئين ڏينهن هو پاڻ کي انهي سان پاڪ ڪري، ۽ ستين ڏينهن بہ، پوءِ هو پاڪ ٿيندو: پر جيڪڏهن هو ٽئين ڏينهن پاڻ کي پاڪ نہ ڪندو، تہ هو ستين ڏينهن بہ پاڪ نہ ٿيندو.


اهو پاڪ ماڻهو ٽئين ڏينهن، ۽ ستين ڏينهن، انهيءَ ناپاڪ ماڻهو تي اهو ڇاٽاري، ۽ ستين ڏينهن هو انهي کي پاڪ ڪري؛ ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، پوءِ شام جو هو پاڪ ٿيندو.


ڏس بني اسرائيل جا پهريتا ٻار، جيڪي پيٽ مان پهرين نڪرن ٿا، تن جي بدران مون اسرائيل منجهان لاوين کي قبول ڪيو آهي، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا؛


انهي کان پوءِ لاوي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ داخل ٿين، ۽ تون انهن کي پاڪ ڪري لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪر؛


سو موسيٰ، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت، لاوين سان انهيءَ طرح ڪيو؛ جيئن خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل انهن سان ڪيو.


انهي کان پوءِ لاوي پنهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ هارون ۽ سندس پٽن جي اڳيان جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيا؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن انهن ساڻن ڪيو.


۽ انهن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ هيئن ڪر: يعني پاڪ ڪرڻ وارو پاڻي انهن تي ڇاٽار، ۽ هو پنهنجي سڄي بدن تي پاڪي گهمائين، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڻ کي پاڪ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ