Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 8:19 - Sindhi Bible

19 ۽ بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي، مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ هو جماعت واري تنبوءَ ۾، بني اسرائيل جي عيوض خدمت ڪن، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪندا رهن؛ تہ جڏهن بني اسرائيل پاڪ مڪان جي ويجهو اچن، تڏهن منجهن طاعون نہ پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني اسرائيل جي جاءِ تي خدمت ڪن ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندا رهن، تان‌تہ جڏهن بني اسرائيل مقدس خيمي جي ويجھو اچن تہ مٿن مصيبت نہ ڪڙڪي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 8:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڀني بني اسرائيلين ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.


پر لاوين کي شاهديءَ جي خيمي جي مٿان، ۽ انهي جي سڀ سامان جي مٿان، ۽ ٻيو جيڪي انهي جي بِلي آهي، تنهن جي مٿان مقرر ڪج. هو اهو خيمو ۽ انهي جو سڀ سامان کڻن، ۽ انهي جي خدمت ڪن، ۽ خيمي جي چوڌاري منزل ڪري رهن.


پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.


۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون پنهنجو واسوڙو کڻ، ۽ قربانگاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهي تي رک، ۽ انهي تي لوبان وجهہ، ۽ جلد اهو کڻي جماعت ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند جو غضب نازل ٿيو آهي، ۽ طاعون شروع ٿيو آهي.


۽ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي ورتو آهي.


سو موسيٰ، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت، لاوين سان انهيءَ طرح ڪيو؛ جيئن خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل انهن سان ڪيو.


۽ هن بيت شمس جي ماڻهن کي انهي ڪري ماريو جو هنن خداوند جي صندوق ۾ نهاريو، ۽ هن انهن ماڻهن مان پنجاهہ هزار ۽ ستر ماڻهو ماريا: ۽ خداوند هنن ماڻهن ۾ وڏو ڪوس وجهي انهن کي ماريو، تنهنڪري ماڻهن ۾ ماتم پئجي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ