1 سو خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
۽ لاويءَ جا پٽ؛ جيرسون، قهات ۽ مراري.
۽ تون نج سون جو هڪڙو شمعدان جوڙج، اهو شمعدان گهڙيل سون جو هجي؛ انهي جو ترو، ۽ ٿُڙ، ۽ ڏياٽيون ۽ بونبا ۽ گل، اهي سڀ هڪڙي ئي ٽڪر مان گهڙيل هجن.
پر لاويءَ جي نسل وارا پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلي موجب، انهن ۾ شمار نہ ڪيا ويا؛
۽ جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن شاهديءَ واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن تان ٻنهي ڪروبين جي وچ مان هن هڪڙو آواز ٻڌو، جنهن ساڻس ڳالهايو.
هارون کي چئُہ تہ جڏهن تون ڏيئا ٻارين، تڏهن ست ئي ڏيئا شمعدان جي اڳيان سوجهرو ڪن.
انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.