Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 7:89 - Sindhi Bible

89 ۽ جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن شاهديءَ واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن تان ٻنهي ڪروبين جي وچ مان هن هڪڙو آواز ٻڌو، جنهن ساڻس ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

89 جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ سندس ملاقات واري خيمي ۾ ويو تڏهن عهد واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن مٿان پردار آسماني مخلوق جي ٻنهي مجسمن جي وچ مان خداوند کي پاڻ سان ڳالهائيندي ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 7:89
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ الهامگاهہ ۾ هن زيتون جي ڪاٺ جا ٻہ ڪروبي جوڙايا، جي ڏهہ ڏهہ هٿ اوچا هئا.


اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ.


خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ قومون ڏڪن: هو ڪروبين تي ويٺو آهي؛ ڀلي تہ زمين لڏي.


تڏهن ڪڪر جماعت واري تنبوءَ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ عبادت جو خيمو خداوند جي جلال سان ڀرجي ويو.


۽ موسيٰ جماعت واري تنبوءَ ۾ گهڙي نہ سگهيو، ڇالاءِ جو انهي جي مٿان ڪڪر بيٺل هو، ۽ خيمو خداوند جي جلال سان ڀريل هو.


۽ خداوند موسيٰ کي سڏي، جماعت واري تنبوءَ مان ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ


جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي پهرينءَ تاريخ، سينا جي بيابان ۾، جماعت واري تنبوءَ ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس، ۽ تو تي جيڪو روح آهي تنهن مان، آءٌ ڪجهہ انهن تي وجهندس، ۽ اهي توسان گڏ اُمت جو بار کڻندا، تہ تون اڪيلو نہ کڻين.


آءٌ انهي سان روبرو ظاهر ظهور ڳالهائيندس، ۽ نہ ڳجهارتن ۾، ۽ هو خداوند جي شڪل بہ ڏسندو: تڏهن ڇو اوهين منهنجي ٻانهي جي برخلاف، يعني موسيٰ جي برخلاف، ڳالهائڻ کان نٿي ڊنا؟


سو خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


تنهنڪري اچو تہ همت رکي فضل جي تخت وٽ هلون تہ اسان تي رحم ٿئي، ۽ اُهو فضل حاصل ڪريون جو گهُرج وقت اسان جي مدد ڪري سگهي.


۽ مٿن هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ هنن، اهي ڳالهيون پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي خدمت لاءِ ٿي ڪيون، جن جي خبر هاڻي اوهان کي انهن جي معرفت ملي، جن انهي پاڪ روح جي وسيلي، جو آسمان مان موڪليو ويو هو، اوهان کي خوشخبري ٻُڌائي، ۽ ملائڪ بہ انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهن.


تڏهن انهن سيلا ڏي ماڻهو موڪليا، ۽ اُنهن اُتان لشڪرن جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق آندي، جا ڪروبين تي رکيل آهي. ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس اُتي خدا جي عهدنامي جي صندوق سان هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ