Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 7:88 - Sindhi Bible

88 سلامتيءَ جي قربانين لاءِ چوويهہ ڏاند، سٺ گهٽا، سٺ ٻڪر ۽ سٺ يڪسالا گهيٽا؛ اهو قربانگاهہ جي مسح ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ جو نذرانو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

88 چوويهہ ڏاند، سٺ گھٽا، سٺ ٻڪر ۽ سٺ هڪسالا گھيٽا سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ هئا. قربان‌گاهہ کي مسح ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ اهي نذرانا آندا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 7:88
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو سلامتيءَ جي قربانيءَ مان، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي، يعني انهي جي چرٻي، ۽ سارو دنب، پٺ جي هڏي تائين؛ ۽ آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سڀ چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ عبادت وارو خيمو کڙو ڪري چڪو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي سموري سامان کي مسح ڪري پاڪ ڪيائين، ۽ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪري پاڪ ڪيائين؛


۽ جنهن ڏينهن قربانگاهہ مسح ڪئي ويئي، تنهن ڏينهن سردارن انهيءَ جي مخصوصيت لاءِ نذرانا پيش ڪيا: يعني سردارن قربانگاهہ جي اڳيان پنهنجي پنهنجي قرباني آندي.


سو جنهن ڏينهن قربانگاهہ کي مسح ڪري مخصوص ڪيو ويو، تنهن ڏينهن بني اسرائيل جي سردارن جيڪي نذرانا ڏنا، سي هي هئا، يعني ٻارهن چانديءَ جا ٿالهہ، ٻارهن چانديءَ جا پيالا، ۽ ٻارهن سونا چمچا؛


سوختني قربانيءَ لاءِ ٻارهن وهڙا، ٻارهن گهٽا، ۽ ٻارهن يڪسالا گهيٽا ۽ انهن جي کاڌي جي قرباني؛ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻارهن ٻڪر؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ