80 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛
هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛
۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛