50 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛
ديڳيون، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ڦلن وڍڻ جون قينچيون، ۽ پيالا، ۽ چمچا، ۽ سڀ پتل جا ٿانوَ جن سان خدمت ڪندا هئا سي سڀ بہ هو کڻي ويا.
۽ اُتي اُنهن جي اڳيان اسرائيل جي گهراڻي جا بزرگ، ڪل ستر ڄڻا بيٺل آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ يازنياہ بن سافن بيٺو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهو کي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ جو باسڻ هو، ۽ لوبان جي دونهين جي بانس مٿي پئي چڙهي.
هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو؛ يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛
۽ ماڻهن جي سموري جماعت لوبان ساڙڻ جي مهل ٻاهر دعا پئي گهُري.
اهي يعقوب کي تنهنجا فيصلا، ۽ اسرائيل کي تنهنجي شريعت سيکاريندا، اهي تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙيندا، ۽ تنهنجيءَ قربانگاهہ تي پوري قرباني چاڙهيندا.