35 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهيٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو شديور جي پٽ اليصور جو نذرانو.
۽ جيڪي ماڻهو اوهان سان گڏ هوندا تن جا نالا هي آهن: روبن جي قبيلي مان؛ شديور جو پٽ اليصور.
پوءِ بني روبن جي منزلگاهہ جو جهنڊو، سندن لشڪرن موجب اڳتي هليو. ۽ شديور جو پٽ اليصور انهيءَ پنهنجي لشڪر جو سردار هو.
ڏکڻ واري پاسي روبن جي منزلگاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ شديور جو پٽ اليصور، بني روبن جو سردار ٿئي.
۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛
پنجين ڏينهن صوري شدي جي پٽ سلومي ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني شمعون جو سردار هو.