خداوند فرمائي ٿو تہ اوهان جون هيتريون گهڻيون قربانيون منهنجي لاءِ ڪهڙي ڪم جون آهن؟ آءٌ گهيٽن جي ساڙڻ وارين قربانين سان ۽ پاليل جانورن جي چرٻيءَ سان ڀريو پيو آهيان؛ ۽ مون کي ڍڳن يا گهيٽن يا ٻڪرن جي رت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي.
ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو تنهن ڏينهن سوختني قربانين يا ذبح ڪرڻ وارين قربانين بابت مون انهن سان نہ ڳالهايو، ۽ نہ انهن کي ڪو حڪم ڏنو:
هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس.