Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 7:13 - Sindhi Bible

13 ۽ انهي جو نذرانو هو: چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 7:13
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏهہ گاڏيون ۽ گاڏين تي ڏهہ چلمچيون؛


۽ باسڻ، ۽ بيلچا، ۽ ٿالهہ: يعني اهي سڀ باسڻ جي حيرام سليمان بادشاهہ جي لاءِ خداوند جي گهر ۾ جوڙيا، سي چمڪندڙ پتل جا هئا.


۽ انهن کي چاندي ۽ سون ۽ باسڻ توري ڏنم، يعني جيڪو نذرانو بادشاهہ، ۽ سندس مشيرن، ۽ سندس اميرن، ۽ جيڪي اسرائيلي اتي حاضر هئا، تن اسان جي خدا جي گهر لاءِ ڏنو هو:


۽ تون انهيءَ تي رکڻ لاءِ رڪابيون، چمچا ۽ اوتڻ لاءِ پيالا جوڙج؛ ۽ اهي نج سون جا جوڙج.


اهي هن ريت صدقو ڏين: جيڪو ماڻهو شمار ٿيندڙن ۾ شامل ٿئي، سو عبادتگاهہ جي مشقال جهڙو اڌ مشقال ڏئي، (هڪڙو مشقال ويهن جيراهن جي برابر آهي): يعني هو اڌ مشقال خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي.


۽ هن ميز تي رکڻ لاءِ ٿانو جوڙيا، يعني انهيءَ جون رڪابيون، چمچا، وٽا، ۽ اوتڻ لاءِ پيالا، اهي سڀ نج سون جا جوڙيائين.


۽ پياليون، ۽ باهہ کڻڻ جا ٿانوَ، ۽ پيالا، ۽ ديڳيون، ۽ شمعدان، ۽ چمچا، ۽ وڏا پيالا؛ انهن مان جيڪي سون جا هئا تن جو سون، ۽ جيڪي چانديءَ جا هئا تن جي چاندي، پهري وارن جو سردار کڻي ويو.


بيلشضر شراب چکڻ مهل حڪم ڪيو تہ جيڪي سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ سندس پيءُ نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍيا هئا، سي وٽس کڻي اچن؛ تہ بادشاهہ ۽ سندس امير، سندس زالون ۽ سندس سريتون انهن ۾ شراب پيئن.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، تہ انهي جي قرباني ميدي جي هئڻ گهرجي؛ هو انهي تي تيل اوتي ۽ مٿس لوبان رکي:


۽ تنهنجا سڀ انداز پاڪ مڪان جي مشقال موجب ٿيندا: ۽ هڪڙي مشقال ۾ ويهہ جيراہ ٿيندا.


انهن ماڻهن جي قيمت، تنهنجي ٺهرايل انداز موجب هن ريت ٿيندي: مرد ماڻهوءَ جي واسطي جنهن جي عمر ويهن ورهين کان وٺي سٺ ورهين تائين هجي، تنهن جي لاءِ تون پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا چانديءَ جا پنجاهہ مشقال انداز مقرر ڪج.


انهيءَ ڏينهن گهوڙن جي گهنگهرن تي لکيل هوندو تہ خداوند جي لاءِ پاڪ آهن؛ ۽ خداوند جي گهر جا باسڻ، قربانگاهہ جي پيالن وانگر ٿيندا.


تہ انهي وقت جيڪو خداوند جي لاءِ پنهنجي قرباني پيش ڪري، سو هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي.


۽ ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو، جهاڳوڙيل تيل جي هڪڙي هين جي چوٿين حصي ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪج.


انهي کان سواءِ نئين چنڊ جي سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ انهن سان گڏ پيئڻ واريون قربانيون، اهي سڀ سندن قانون موجب پيش ڪندا رهجو، اها وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


تون انهن کان هڪڙي هڪڙي لاءِ پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا پنج مشقال وٺ؛ هڪڙي مشقال ۾ ويهہ جيرہ آهن.


پهرئين ڏينهن يهوداهہ جي قبيلي مان عميناداب جي پٽ نحسون پنهنجو نذرانو پيش ڪيو.


۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛


هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛


پوءِ اُها سسي ٿالهيءَ ۾ رکي آڻي اُنهيءَ ڇوڪريءَ کي ڏنائون: ۽ هوءَ ماءُ وٽ کڻي آئي.


تنهن تي هن جيئن ماڻس سيکاريو هوس تيئن چيو، تہ يوحنا بپتسما واري جي سسي مون کي هتي ٿالهيءَ ۾ گهُرائي ڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ