Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 7:12 - Sindhi Bible

12 پهرئين ڏينهن يهوداهہ جي قبيلي مان عميناداب جي پٽ نحسون پنهنجو نذرانو پيش ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12-83 سو انهن هن ترتيب سان پنهنجا نذرانا پيش ڪيا. پهرئين ڏينهن يهوداہ قبيلي جي سردار نحسون ولد عمينداب نذرانا پيش ڪيا. ٻئي ڏينهن اِسڪار قبيلي جي سردار نٿن‌ايل ولد صوعر نذرانا پيش ڪيا. ٽئين ڏينهن زبولون قبيلي جي سردار الياب ولد حيلون نذرانا پيش ڪيا. چوٿين ڏينهن روبن قبيلي جي سردار اليصور ولد شديور نذرانا پيش ڪيا. پنجين ڏينهن شمعون قبيلي جي سردار شلومي‌ايل ولد صوري‌شدي نذرانا پيش ڪيا. ڇهين ڏينهن جد قبيلي جي سردار الياسف ولد دعو‌ايل نذرانا پيش ڪيا. ستين ڏينهن افرائيم قبيلي جي سردار اليشمع ولد عميهود نذرانا پيش ڪيا. اٺين ڏينهن منسي قبيلي جي سردار جملي‌ايل ولد فداهصور نذرانا پيش ڪيا. نائين ڏينهن بنيامين قبيلي جي سردار ابيدان ولد جِدعوني نذرانا پيش ڪيا. ڏهين ڏينهن دان قبيلي جي سردار احيعزر ولد عميشدي نذرانا پيش ڪيا. يارهين ڏينهن آشر قبيلي جي سردار فجعي‌ايل ولد عڪران نذرانا پيش ڪيا ۽ ٻارهين ڏينهن نفتالي قبيلي جي سرادر احيرع ولد عينان نذرانا پيش ڪيا. نذرانا سڀني جا هڪجهڙا هئا: هڪڙو چانديءَ جو ٿالهہ جنهن جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام هئي ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو جنهن جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق ست سؤ گرام هئي. اهي ٻئي اناج جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا. ان کان سواءِ هڪڙو سونو لوبان‌دان جنهن جي تور هڪ سؤ گرام هئي، جيڪو لوبان سان ڀريل هو، ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ هڪڙو هڪسالو گھيٽو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر، سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گھٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج هڪسالا گھيٽا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 7:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل انهيءَ ملڪ ۾ رهيو پيو هو، تڏهن روبن پنهنجي پيءُ جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو، ۽ اسرائيل کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


هاڻي يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا: روبن، جو يعقوب جو وڏو پٽ هو، تنهن کان سواءِ شمعون، لاوي، يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون.


جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


اي يهوداہ، تنهنجا ڀائر تنهنجي ساراهہ ڪندا: تنهنجو هٿ تنهنجن دشمنن جي ڳچيءَ تي رهندو؛ تنهنجي پيءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ نمائيندا.


۽ جيڪي ماڻهو اوهان سان گڏ هوندا تن جا نالا هي آهن: روبن جي قبيلي مان؛ شديور جو پٽ اليصور.


يهوداهہ جي قبيلي مان؛ عمينداب جو پٽ نحسون.


۽ سڀ کان پهرين بني يهوداهہ جي منزلگاهہ جو جهنڊو، سندن لشڪرن موجب اڳتي هليو، ۽ عميناداب جو پٽ نحسون پنهنجي انهي لشڪر جو سردار هو.


جيڪي اُڀرندي ڏانهن، يعني سج اُڀرڻ واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين، سي يهوداهہ جي منزلگاهہ جي جهنڊي وارا پنهنجي لشڪرن موجب هجن: ۽ عمينداب جو پٽ نحسون، بني يهوداهہ جو سردار ٿئي.


۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ سڀ ڪو سردار قربانگاهہ جي مخصوصيت لاءِ پنهنجي پنهنجي ڏينهن تي پنهنجو پنهنجو نذرانو آڻي پيش ڪري.


۽ انهي جو نذرانو هو: چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛


۽ رامہ مان عميناداب پيدا ٿيو: ۽ عميناداب مان نحشون پيدا ٿيو: ۽ نحشون مان سلمون پيدا ٿيو:


۽ اُهو يشيءَ جو، ۽ اُهو عوبيد جو، ۽ اُهو بوعز جو، ۽ اُهو سلمون جو، ۽ اُهو نحشون جو،


۽ عمينداب مان نحسون پيدا ٿيو، ۽ نحسون مان سلمون پيدا ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ