ڳاڻاٽو 7:1 - Sindhi Bible1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ عبادت وارو خيمو کڙو ڪري چڪو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي سموري سامان کي مسح ڪري پاڪ ڪيائين، ۽ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪري پاڪ ڪيائين؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible1 جڏهن موسيٰ مقدس خيمو کوڙي بس ڪئي تڏهن خيمي کي، انهيءَ جي سموري سامان کي، قربانگاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي مسح ڪري مخصوص ڪيائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ ساڳئي ڏينهن جيڪو ايوان خداوند جي گهر جي اڳيان هو تنهن جو وچ بادشاهہ پاڪ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هن انهيءَ هنڌ سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني چاڙهي، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي پيش ڪئي: ڇالاءِ جو پتل جي قربانگاهہ، جا خداوند جي اڳيان هئي، سا سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي رکڻ لاءِ تمام ننڍي هئي.