8 پرهيزگاريءَ وارا سڀ ڏينهن هو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.
8 وقف هجڻ وارا سڀ ڏينهن هو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي.
هو پنهنجي پيءُ، يا پنهنجيءَ ماءُ، يا پنهنجي ڀاءُ، يا پنهنجيءَ ڀيڻ جي موت تي بہ پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو خداوند جي لاءِ پرهيزگاريءَ جي مڃتا سندس مٿي تي آهي.
۽ جيڪڏهن انهي جي ڀر سان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي، ۽ سندس مڃتا وارو مٿو ناپاڪ ٿي پوي، تہ هو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن پنهنجو مٿو ڪوڙائي، يعني ستين ڏينهن اُهو ڪوڙائي.
اُها دعا هن ٻار جي لاءِ ٿي گهريم: ۽ خداوند کان جيڪا مراد مون گهري، سا هن پوري ڪئي آهي:
تنهنڪري مون بہ هن کي خداوند کي ڏيئي ڇڏيو آهي؛ جيسين ڪ هو جيئرو هوندو تيسين هو خداوند کي ڏنو ويو آهي، ۽ هن اُتي خداوند کي سجدو ڪيو.