Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 6:5 - Sindhi Bible

5 هو پنهنجي مڃتا جي پرهيزگاريءَ واري عرصي ۾ پنهنجي مٿي تي پاڪي نہ گهمائي، جيسين ڪ اهي ڏينهن پورا ٿين، جن ۾ هن پاڻ کي خداوند جي لاءِ نذير ڪيو هجي. هو انهي عرصي ۾ پاڪ رهي، ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هو پنهنجي وقف ٿيڻ واري باس جي ڏينهن ۾ پنهنجي مٿي ۽ منهن تي پاڪي نہ گھمرائي. جيستائين اهي ڏينهن پورا نہ ٿين جن لاءِ هن پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪيو آهي، تيستائين هو پاڪ رهي ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 6:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نڪي هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين ۽ نہ وار وڏا رکن؛ فقط پنهنجن مٿن جا وار ڪترائين.


۽ پنهنجي ڇِلي جي ڏينهن ۾ هو اهڙي ڪابہ شيءِ نہ کائي، جا ڊاک مان جڙيل هجي، ٻج کان وٺي کل تائين.


هاڻي پولس ٻيا بہ گهڻا ڏينهن اُتي رهيو، پوءِ ڀائرن کان موڪلائي جهاز تي چڙهي شام ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ساڻس گڏ پرسڪلہ ۽ اڪولہ بہ هئا. ۽ جيئن تہ هن منت مڃي هئي تيئن ڪنخريہ ۾ پنهنجو مٿو بہ ڪُوڙايائين.


ڇو جو تون پيٽ سان ٿيندينءَ، ۽ پٽ ڄڻيندينءَ؛ ۽ انهيءَ جي مٿي تي پاڪي نہ گهمائج: ڇالاءِ جو اُهو ٻار ڄائي ڄم کان خدا جو نذير ٿيندو: ۽ اُهو اسرائيل کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائڻ شروع ڪندو.


تڏهن هن انهيءَ کي پنهنجي دل جي سڄي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس تہ منهنجي مٿي تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گهمي آهي، ڇالاءِ جو ماءُ جي پيٽ کان وٺي آءٌ خدا جو نذير ٿي رهيو آهيان: جيڪڏهن منهنجو مٿو ڪوڙيو ويندو تہ منهنجو زور مون مان هليو ويندو، ۽ آءٌ ڪمزور ٿي پوندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.


۽ هن انهي کي پنهنجي گوڏن تي سمهاريو؛ ۽ هڪڙو ماڻهو گهرائي هن جي مٿي جون ست چڳون ڪوڙايائين؛ پوءِ هن کي ستائڻ لڳي، ۽ هن جو زور وٽانئس ويندو رهيو.


۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ