Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 6:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن هو پاڻ کي شراب ۽ نشيدار شين کان پري رکي؛ هو شراب جو سرڪو، يا ٻيءَ نشي واريءَ شيءِ جو سرڪو نہ پئي، نڪي ڊاک جو رس پئي، نڪي تازي يا سڪل ڊاک کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تہ پاڻ کي مئي ۽ ٻين نشيدار شين کان پري رکي. هو مئي جو سرڪو يا ٻي نشي واري شيءِ جو سرڪو نہ پيئي. هو نڪي ڪنهن بہ قسم جي انگوري رس پيئي ۽ نہ وري انگور يا ڪشمش کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 6:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيو، تڏهن شراب يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ متان پيو، نڪي تون، نڪي تنهنجا پٽ، متان اوهين مري پئو: اهو اوهانجين پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو:


۽ مون اوهانجن پٽن مان نبي، ۽ اوهانجن جوانن مان نذيري اُٿاريا. خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، ائين ناهي ڇا؟


پر اوهان نذيرين کي شراب پياريو؛ ۽ نبين کي حڪم ڏيئي چيو تہ نبوت نہ ڪريو.


۽ پنهنجي ڇِلي جي ڏينهن ۾ هو اهڙي ڪابہ شيءِ نہ کائي، جا ڊاک مان جڙيل هجي، ٻج کان وٺي کل تائين.


ڇوتہ هو خداوند جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ۽ نڪو شراب ۽ نڪا نشي جي شيءِ پيئندو؛ ۽ ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندو.


مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:


۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛


هر طرح جي بديءَ کان پاسو ڪريو.


اڳتي رڳو پاڻي نہ پيءُ، پر معدي ۽ پنهنجي اڪثر بيمار رهڻ جي ڪري ٿوري مئي ڪم آڻ.


ڇالاءِ جو اُهي فقط کائڻ ۽ پيئڻ ۽ جدا جدا قسمن جي غسلن سان تعلق رکندڙ جسماني قانون آهن، جي سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا.


ڊاک جي ڪابہ شيءِ نہ کائي، نڪي شراب يا ڪا نشي جهڙي شيءِ پيئي، نڪي ڪا ناپاڪ شيءِ کائي؛ جن ڳالهين بابت مون هن کي حڪم ڏنو سي سڀ بجا آڻي.


تنهنڪري خبردار رهج، ۽ شراب يا نشي جهڙي شيءِ نہ پيئج، ۽ ڪابہ ناپاڪ شيءِ نہ کائج:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ