26 شل خداوند پنهنجو منهن تو ڏانهن ڦيرائي ۽ توکي سلامتي بخشي.
26 شال خداوند اوهان تي ڪرم جي نگاهہ ڪري ۽ اوهان کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي.‘
خداوند پنهنجيءَ اُمت کي طاقت ڏيندو؛ خداوند پنهنجيءَ اُمت کي سلامتيءَ جي برڪت ڏيندو.
ڪامل ماڻهوءَ تي نظر ڪر، ۽ سچار کي ڏس: ڇو تہ هن جي پڇاڙيءَ ۾ سلامتي آهي.
گهڻيئي آهن جي چون ٿا تہ ڪير اسان سان ڀلائي ڪندو؛ اي خداوند تون پنهنجي چهري جو نور اسان تي چمڪاءِ.
اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس.
ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين.
مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن.
اي خداوند تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين: ڇالاءِ جو اسان جا سڀ ڪم بہ تو اسان جي لاءِ ڪيا آهن.
جنهن جي دل قائم آهي تنهن کي تون سلامت رکندين: ڇالاءِ جو هن جو توتي ڀروسو آهي.
خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ چپن جو ڦل پيدا ڪندس: سلامتي، سلامتي انهي تي جو پري آهي، ۽ جو ويجهو آهي؛ آءٌ هن کي شفا ڏيندس.
۽ هو اسان جي سلامتي ٿيندو: جڏهن اسوري اسان جي زمين ۾ ايندا، ۽ جڏهن هو اسانجن محلاتن ۾ پير گهمائيندا، تڏهن اسين ست ڌنار بلڪ اٺ سردار مٿن چاڙهي آڻينداسين.
تہ ”آسمان ۾ خدا جي وڏائي، ۽ زمين تي اُنهن ماڻهن منجهہ صلح، جن سان هو راضي آهي.“
آئون اوهان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان؛ پنهنجو اطمينان اوهان کي ٿو ڏيان، ائين نٿو ڏيانوَ، جيئن دنيا ٿي ڏئي. اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.
اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن تہ مون ۾ اوهان کي اطمينان ملي. دنيا ۾ اوهين مصيبت ۾ آهيو: پر دلجاءِ ڪريو، آئون دنيا تي غالب آيو آهيان.
تڏهن يسوع وري چين تہ السلام عليڪم: جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آئون بہ اوهان کي ٿو موڪليان.
۽ اٺن ڏينهن کانپوءِ شاگرد وري اندر ويٺا هئا، ۽ توما بہ ساڻن هو ۽ دروازا بند هئا، تہ يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.
جيڪو ڪلام هن بني اسرائيل ڏانهن موڪليو، جڏهن ڪ يسوع مسيح (جو سڀني جو خداوند آهي) تنهن جي وسيلي صلح جي خوشخبري ٻُڌايائين.
تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون؛ تون مون کي پنهنجو ديدار ڏيکاري خوشيءَ سان مسرور ڪندين.“
هاڻي خدا، جو اُميد ٿو بخشي، سو شل اوهان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ اوهين پاڪ روح جي قدرت سان اُميد ۾ وڌندا وڃو.
هاڻي خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شل اوهان سڀني سان هجي. آمين.
تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون.
خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل ڀائرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.
۽ خدا جو اطمينان، جو سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سو اوهان جي دلين ۽ خيالن جي مسيح يسوع ۾ نگهباني ڪندو.
هاڻي خداوند جو اطمينان جو چشمو آهي، سو پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح اطمينان ڏيندو. شل خداوند اوهان سڀني سان هجي.