Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 6:25 - Sindhi Bible

25 شل خداوند پنهنجي چهري جو نور توتي چمڪائي، ۽ توتي فضل ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 شال اوهان تي خداوند جو فضل ۽ مهرباني ٿئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 6:25
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي، پنهنجي سڳي ڀاءُ بنيمين کي ڏٺو، ۽ چيائين تہ اوهان جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ هي آهي؟ جنهن بابت اوهان مون کي ٻڌايو هو؟ ۽ چيائين تہ ٻچا، شل خدا توتي پنهنجو فضل نازل ڪري.


پنهنجي بندي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ؛ ۽ مون کي پنهنجا قانون سيکار.


ڇالاءِ جو تون هن کي هميشہ سراسر مبارڪ ٿو ڪرين: ۽ کيس پنهنجي حضور خوش ٿو رکين.


پنهنجي ٻانهي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ: ۽ پنهنجيءَ ٻاجهہ جي ڪري مون کي بچائي وٺ.


جيڪا خوشي انهن کي سندن اَن ۽ مئي جي واڌاري مان حاصل ٿي ٿئي، تنهن کان وڌيڪ خوشي تو منهنجي دل ۾ وڌي آهي.


شل خدا اسان تي رحم ڪري، ۽ اسان کي برڪت ڏئي، ۽ پنهنجو چهرو اسان تي چمڪائي:


اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.


اي لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر، پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.


مون ڏانهن ڦري نگاهہ ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر؛ پنهنجي بندي کي پنهنجي طاقت ڏي، ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ جي پٽ کي بچاءِ.


تڏهن هن چيو تہ آءٌ تنهنجي سامهون لنگهندي توکي پنهنجي سڀ خوبي ڏيکاريندس، ۽ آءٌ تنهنجي اڳيان خداوند جو نالو ظاهر ڪندس؛ ۽ جنهن تي فضل ڪرڻو هوندم تنهن تي فضل ڪندس، ۽ جنهن تي رحم ڪرڻو هوندم تنهن تي رحم ڪندس.


تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ ان جا عرض ٻڌ، ۽ خداوند جي واسطي، تنهنجو پاڪ مڪان جو ويران ٿي ويو آهي، تنهن تي پنهنجو چهرو چمڪاءِ.


۽ هاڻي اچو تہ خداوند کي مڃايون، تہ هو اسان تي مهربان ٿئي: اهو ئي اوهان جو ڊول ٿي رهيو آهي، ۽ هو اوهان کي قبول ڪندو ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي.


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


تنهن پولس جي طرفان، انهن سڀني ڏانهن، جي روما ۾ خدا جا پيارا آهن، ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهن: اوهان تي اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ