Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 6:24 - Sindhi Bible

24 شل خداوند توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي سنڀالي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 شال خداوند اوهان کي برڪت ڏئي ۽ اوهان جي حفاظت ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 6:24
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، آءٌ تو ساڻ آهيان، ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جيڪي توکي چيو اٿم، سو جيسين پورو نہ ڪريان، تيسين توکي ڇڏي ڪين ڏيندس.


تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي کي برڪت ڏي تہ اهو تنهنجي اڳيان هميشہ تائين هلندو هلي: ڇالاءِ جو اي خداوند خدا، تو ائين فرمايو آهي: شل تنهنجي برڪت سان تنهنجي ٻانهي جو گهراڻو هميشہ لاءِ برڪت وارو ٿئي.


خداوند توکي صيون مان برڪت ڏيندو؛ يعني اُهو جنهن آسمان ۽ زمين کي جوڙيو آهي.


اک جي پتلي وانگر مون کي سنڀال، ۽ مون کي پنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ لڪاءِ،


پنهنجيءَ اُمت کي بچاءِ، پنهنجيءَ ميراث کي برڪت ڏي: انهن جي پرورش ڪر، ۽ کين هميشہ تائين محفوظ رک.


ڇو جو هو پنهنجن فرشتن کي حڪم ڏيندو، تہ اهي تنهنجن سڀني واٽن ۾ تنهنجي سنڀال ڪن.


آءٌ خداوند انهي جي سنڀال ڪريان ٿو، آءٌ هردم انهي کي پاڻي ڏيندس، آءٌ رات ڏينهن انهي جي سنڀال ڪندس، متان ڪو انهي کي نقصان پهچائي.


مون خداوند توکي سچائيءَ سان سڏيو آهي، آءٌ تنهنجو هٿ جهليندس ۽ تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي اُمت جي لاءِ عهد، ۽ قومن جي لاءِ سوجهرو ڪري ڏيندس؛


تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ ان جا عرض ٻڌ، ۽ خداوند جي واسطي، تنهنجو پاڪ مڪان جو ويران ٿي ويو آهي، تنهن تي پنهنجو چهرو چمڪاءِ.


۽ هن کانپوءِ آئون دنيا ۾ نہ آهيان، پر اهي دنيا ۾ آهن، ۽ آئون تو وٽ ٿو اچان. اي پاڪ بابا، پنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ اُنهن کي رکي وٺ، تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين پاڻ هڪ آهيون.


نہ تہ جي تون فقط روح سان دعا ڪندين تہ جيڪو ناواقف آهي سو تنهنجي شڪرگذاريءَ ڪرڻ تي ڪيئن آمين چوندو، جڏهن جيڪي تون چوين ٿو سو هو نٿو سمجهي؟


شل انهن سڀني تي فضل هجي، جيڪي اسان جي خداوند يسوع مسيح سان لازوال محبت ٿا رکن.


خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان جي روح سان هجي.


۽ خدا جو اطمينان، جو سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سو اوهان جي دلين ۽ خيالن جي مسيح يسوع ۾ نگهباني ڪندو.


شل خدا، جو اطمينان بخشيندڙ آهي، اوهان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري؛ ۽ شل اوهان جو روح ۽ جان ۽ بدن، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي اچڻ تائين بي عيب ۽ سلامت رهي.


۽ جيڪا نجات آخر زماني ۾ ظاهر ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي، تنهن جي لاءِ ايمان جي وسيلي خدا جي قدرت سان اوهان جي حفاظت ٿي ٿئي.


هاڻي جيڪو اوهان کي گمراهہ ٿيڻ کان بچائي ٿو سگهي ۽ نهايت خوشيءَ سان پنهنجي ازلي حضور ۾ بي عيب ڪري بيهاري ٿو سگهي،


۽ ڏسو، بوعز بيت الحم مان آيو، ۽ لاباري وجهڻ وارن کي چيائين تہ خداوند شل اوهان سان هجي، ۽ هنن ورندي ڏني تہ خداوند شل توکي برڪت ڏي.


هو پنهنجي ٻانهن جا پير سنڀاليندو، پر شرير کي هو اونداهيءَ ۾ ماٺ ڪرائيندو؛ ڇالاءِ جو پنهنجي زور جي ڪري ڪوبہ انسان غالب نہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ