Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 6:21 - Sindhi Bible

21 جيڪو نذير ڪا مڃتا مڃي، تنهن بابت، ۽ پنهنجيءَ پرهيزگاريءَ جي لاءِ خداوند جي حضوريءَ ۾ جيڪي پيش ڪري تنهن بابت، ۽ انهي کان سواءِ ٻيو جيڪي هٿ اچي سگهيس، تنهن بابت اهو قانون آهي؛ ۽ جيڪا مڃتا هو مڃي، تنهن موجب پنهنجيءَ پرهيزگاريءَ جي قانون تي عمل ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 ناذير ۽ سندس قربانين جي باري ۾ اهو ئي قانون آهي، جنهن تي وقف ٿيڻ جي عرصي پوري ٿيڻ تي عمل ڪرڻو آهي. انهن قربانين کان سواءِ هو اهي قربانيون بہ ضرور پيش ڪري، جن جو هن ناذير جي باس باسڻ وقت ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 6:21
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن پنهنجي وسعت آهر، ڪم واري خزاني ۾، سون جا ايڪهٺ هزار درهم، ۽ چانديءَ جا اڍائي هزار سير، ۽ هڪ سؤ ڪاهنن جا وڳا ڏنا.


سو جڏهن ڪا مڙس واري زال گمراهہ ٿي ناپاڪ ٿئي تہ انهيءَ جي لاءِ اهو غيرت جو قانون آهي.


بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن ڪو مرد يا ڪا زال ڪا خاص مڃتا مڃي، ۽ خداوند جي لاءِ نذير ٿيڻ واسطي ڇِلي ۾ ويهي:


پوءِ ڪاهن انهي کي لوڏڻ واري قربانيءَ طور لوڏي؛ اُها لوڏيل قربانيءَ جي سيني، ۽ کڻڻ واريءَ قربانيءَ جي ران، ڪاهن جي لاءِ پاڪ آهي: تنهن کان پوءِ نذير کي مئي پيئڻ جي موڪل آهي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ


پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري.


پر نيڪي ڪرڻ ۽ خيرات ڏيڻ متان وساريو: ڇالاءِ جو اهڙين قربانين ڪري خدا خوش ٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ