Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 6:18 - Sindhi Bible

18 پوءِ نذير جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ پنهنجو مڃتا وارو مٿو ڪوڙائي، ۽ پنهنجي مڃتا واري مٿي جا وار کڻي سلامتيءَ جي قربانيءَ جي هيٺان ٻرندڙ باهہ تي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ناذير مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ پنهنجو وقف ٿيل مٿو ڪوڙائي ۽ مٿي جا وار کڻي ان ٻرندڙ باهہ تي رکي جنهن تي سلامتيءَ واري قرباني ساڙي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 6:18
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو اهو سلامتيءَ جي قربانيءَ وارو گهٽو، ۽ فطيري مانيءَ جي ٽوڪري، خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري، ۽ ڪاهن هن جي کاڌي جي قرباني، ۽ هن جي پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪري.


هو پنهنجي مڃتا جي پرهيزگاريءَ واري عرصي ۾ پنهنجي مٿي تي پاڪي نہ گهمائي، جيسين ڪ اهي ڏينهن پورا ٿين، جن ۾ هن پاڻ کي خداوند جي لاءِ نذير ڪيو هجي. هو انهي عرصي ۾ پاڪ رهي، ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.


۽ جيڪڏهن انهي جي ڀر سان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي، ۽ سندس مڃتا وارو مٿو ناپاڪ ٿي پوي، تہ هو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن پنهنجو مٿو ڪوڙائي، يعني ستين ڏينهن اُهو ڪوڙائي.


ساڳيو انهيءَ ريت اوهين بہ، جن ڪمن جو اوهان کي حڪم ڪيل آهي، سي سڀ جڏهن ڪري چڪو، تڏهن چئو تہ اسين نڪما نوڪر آهيون؛ جنهن ڪم ڪرڻ جو اسان تي فرض هو، سو ئي ڪيو اٿئون.


هاڻي پولس ٻيا بہ گهڻا ڏينهن اُتي رهيو، پوءِ ڀائرن کان موڪلائي جهاز تي چڙهي شام ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ساڻس گڏ پرسڪلہ ۽ اڪولہ بہ هئا. ۽ جيئن تہ هن منت مڃي هئي تيئن ڪنخريہ ۾ پنهنجو مٿو بہ ڪُوڙايائين.


تنهنڪري جيئن اسين توکي چئون ٿا تيئن ڪر: اسان وٽ چار ماڻهو آهن، جن منت مڃي آهي؛


اُنهن کي وٺي وڃ، ۽ پاڻ کي وڃي هنن سان گڏ پاڪ ڪر، ۽ هنن جو اُجورو ڏي تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. پوءِ سڀني کي سُڌ پوندي تہ جيڪي ڳالهيون تنهنجي نسبت ٻُڌيون اٿن، سي سچيون ناهن؛ بلڪ تون پاڻ بہ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ پوريءَ طرح هلين ٿو.


تنهن تي پولس اُنهن ماڻهن کي وٺي، ٻئي ڏينهن پاڻ کي هنن سان گڏ پاڪ ڪري هيڪل ۾ ويو، ۽ خبر ڏنائين تہ جڏهن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيندا، تڏهن اُنهن مان هڪڙي هڪڙي جي لاءِ قرباني چاڙهي ويندي.


تان تہ سندس انهي فضل جي جلال جي تعريف ٿئي، جو هن پنهنجي پياري ۾ اسان کي بخشيو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ