Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 6:15 - Sindhi Bible

15 فطيري مانيءَ جي ٽوڪري، يعني تيل ۾ ڳوهيل ميدي جا ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون، ۽ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واريون قربانيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 سندن اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ وارين قربانين سميت هي شيون بہ قربانيءَ طور پيش ڪري: بي‌خميري مانيءَ جي ٽوڪري، يعني تيل ۾ ڳوهيل ميدي جا ڍوڍا ۽ تيل مکيل بي‌خميري ٽڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 6:15
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فطيري ماني، ۽ تيل ۾ ڳوهيل فطيري ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون: اهي سڀ ميدي جون جوڙج،


پر جن اهو اَن گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ خداوند جي تعريف ڪندا؛ ۽ جن اهو شراب گڏ ڪيو آهي سي ئي منهنجي پاڪ مڪان جي ايوانن ۾ اهو پيئندا.


اي ڪاهن، اوهين کٿا چيلهہ سان ٻڌو ۽ ماتم ڪريو؛ اي قربانگاهہ جا خدمتگار، واويلا ڪريو؛ اي منهنجي خدا جا خدمتگار، سڄي رات کٿي ۾ سمهو، ڇالاءِ جو کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني اوهان جي خدا جي گهر کان روڪي ويئي آهي.


کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني خداوند جي گهر کان وڍجي ويئي آهي؛ ڪاهن، جي خداوند جا خادم آهن، سي ماتم ڪندا.


ڪنهن کي خبر تہ هو نہ ڦرندو ۽ پنهنجي پٺيان برڪت نہ ڇڏي ويندو، يعني خداوند اوهان جي خدا لاءِ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني؟


۽ جيڪڏهن تون تنور ۾ پڪل کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تہ اهي تيل ۾ ڳوهيل فطيري نان هجن، يا تيل مکيل فطيري ڍوڍا هجن.


جي هو اها شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري، تہ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل فطيري مانيون، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون، ۽ تيل ۾ ڳوهيل پڪل ڍوڍا پيش ڪري.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ سان وٺي، ڪپڙا، ۽ مسح ڪرڻ جو تيل، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو، ۽ ٻہ گهٽا، ۽ بي خميري مانين جي ٽوڪري کڻي؛


۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو گهٽو، خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهڻ لاءِ آڻي پيش ڪريو؛ ۽ تيل ۾ ڳوهيل کاڌي جي قرباني بہ آڻيو: ڇالاءِ جو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جي اڳيان ظاهر ٿيندو.


۽ تون پيئڻ واريءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هين جي اڌ جيتري مئي، باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي آڻي پيش ڪج.


پوءِ ڪاهن اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي حاضر ڪري، ۽ هن جي گناهہ جي قرباني، ۽ هن جي سوختني قرباني چاڙهي.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.


ڇالاءِ جو جڏهن بہ اوهين هي ماني کائو ٿا، ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن خداوند جي موت جي پڌرائي ٿا ڪريو، جيسين ڪ هو پاڻ اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ