Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 6:12 - Sindhi Bible

12 پوءِ هو خداوند جي لاءِ نذير ٿيڻ جي واسطي ڇِلي ۾ ويهي، ۽ خطا جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو يڪسالو گهيٽو آڻي: پر اڳيان ڏينهن حساب ۾ نہ ايندا؛ ڇالاءِ جو هن جو ڇِلو ناپاڪ ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هو وري ناذير ٿيڻ جا ڏينهن مقرر ڪري پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪري ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو هڪسالو گھيٽو آڻي. سندس اڳيان ڏينهن هاڻي وقف ٿيل ڏينهن جي حساب ۾ نہ ايندا، ڇو تہ اڳين وقف هجڻ وارن ڏينهن ۾ هو ناپاڪ ٿي پيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 6:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جو گهيٽو بي عيب هڪ سالو نر هئڻ گهرجي: اوهين رڍن مان گهيٽو، يا ٻڪرين مان ڇيلو ڪڍجو:


پر جيڪڏهن ڪو سچار پنهنجي سچائي کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ جيڪي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم شرير ماڻهو ڪندو آهي، اُهي ڪري ٿو، تڏهن ڪو هو جيئرو رهندو ڇا؟ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن، تن مان ڪوبہ ياد نہ رهندو: جيڪا بدڪاري ڪئي اٿس ۽ جيڪو گناهہ ڪيو اٿس، تنهن جي ڪري ئي هو مرندو.


۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ وارو گهيٽو، ۽ تيل جو ماڻ کڻي، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور لوڏي:


پوءِ جيڪو گناهہ ڪيو هجيس، انهي جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ پنهنجي قرباني آڻي، اها قرباني ڌڻن مان ڪو گهيٽو يا ٻڪري هئڻ گهرجي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري.


۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.


۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ طور، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ طور پيش ڪري، ۽ مردي جي ڪري جو هن کان گناهہ ٿيو آهي، تنهن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ ساڳئي ڏينهن هو پنهنجو مٿو پاڪ ڪري.


جڏهن ڇِلي وارا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن نذير جي لاءِ هي قانون آهي: يعني هو جماعت واري تنبوءَ جي در تي حاضر ڪيو وڃي:


پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو سو ئي بچندو.


مگر يسوع ورندي ڏيئي چيس هاڻي تہ ائين ڪر، ڇالاءِ جو اسان کي ائين ئي سڀ راستبازي پوري ڪرڻي آهي. تنهن کانپوءِ هن سندس ڳالهہ قبول ڪئي.


ڇالاءِ جو جنهن سڄيءَ شريعت تي عمل ڪيو ۽ پوءِ بہ هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ قصور ڪيائين، تہ اُهو سڀني ڳالهين ۾ ڏوهاري ٿيو.


پنهنجي سنڀال ڪريو تہ جيڪي ڪم اسان ڪيا آهن سي اجايا نہ ٿي وڃن، پر اوهين پورو انعام حاصل ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ